Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam
ٿيندا رهيا. يزيدن جي بي مروتي ۽ بي غيرتي جو عالم هي هو ته کير پياڪ ننڊڙو علي اصغر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اُڄ جي سختي سان تڙپندو رهيو، آخرڪار تير جو شڪار ٿي ڪري شهادت سان سرفراز ٿيا. گمراهي جي علمبردارن چمن زهرا جي سرسبز باغ کي ڏينهن ڏٺي جو تباهه و برباد ڪري رکي ڇڏيو. مگر قربان وڄو ميدان جنگ جي بهادر شهسوار، اهلبيت اطهار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اَجْمَعِیْن جي روشن تارن ۽ گلشن فاطمه جي جگر پارن جن جي همت ۽ صبر و استقلال تان جو ايتري قدر دل ڏکائيندڙ مصائب و آلام ۾ مسلسل ٽي ڏينهن بک ۽ اڄ برداش ڪري به قبر و استقلال سان گڏ باطل جي خلاف وڙهندا رهيا ۽ صبر جو دامن مضبوطيءَ سان پڪڙي رکيو، ڇو ته هي هڪ آزمائش ٿي ۽ الله وارن جي هميشه کان اها شان رهي آهي ته آزمائشن ۾ صبر و برداشت سان ڪم وٺندا آهن. جئين ته
عبد الملڪ بن مروان جي وقت ۾ جڏهن ٻيهر حضرت سيدنا علي بن حسين، امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ قيد ڪيا ويا ۽ لوهي جي وزني قيد و بند جو وزن ان جي نازڪ بدن تي وڌو ويو. پهرا دار مقرر ڪيا ويا، امام زهري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهي حالت کي ڏسي ڪري روئي ڏنو ۽ چيو؛ منهنجي تمنا هئي ته آئون پاڻ جي جڳهه تي هجان ته پاڻ تي هي بار مصائب دل تي گوارا نه آهي. ان تي حضرت سيدنا امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو؛ ڇا توهان جو هي خيال آهي ته ان قيد و بندش کان مون کي ڪرب و بي چيني آهي. حقيقت هي آهي ته جيڪڏهن مان چاهيان ته انهن مان ڪو به نه رهي، هي فرمائيندي سنگهرين مان پير