Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam
امامِ عالي مقام سيّدُنا امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ذاتِ گرامي کان پنهنجي اقتدار کي خطرو محسوس ٿيندو هو۔ حالانڪه سيّدُنا امامِ حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ناپائيدار دنيا سان ڪهڙو تعلق! پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ته ڪالهه به امتِ مسلمه جي دلين جا تاجدار هئا، اڄ به آهن ۽ قيامت تائين رهندا۔ پر ان بد بخت مال ۽ دولت جي هوس جي نشي ۾ بد مست ٿي ڪري پنهنجي آخرت سان گڏوگڏ دنيا به تباهه و برباد ڪري ڇڏي، واقعي دنيا جي محبت هر فتني ۽ فساد جو سبب آهي. جيئن ته
حضرتِ
سيّدُنا حسن بصري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن کان مرسلًا
مروي آهي؛
حُبُّ
الدُّنْيَا رَأْسُ كُلِّ خَطِيْئَةٍ يعني
دنيا جي محبت هر بُرائيءَ جي پاڙ آهي۔
(الجامع الصغير، ص 223 حديث 3662)
اهڙي طرح فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي؛ جنهن کي دنيا جي محبت جو شربت پياريو ويو اهو ٽن شين جو مزو ضرور چکيندو. (1) اهڙي سختي جنهن سان ان جي ٿڪاوٽ دور نه ٿيندي (2) اهڙو حرص جنهن سان اهو غني نه ٿيندو (3) اهڙي خواهش جنهن کي پورو نه ڪري سگهندو، ڇو ته دنيا طالبه (طلب ڪرڻ واري) ۽ مطلوبه (جنهن کي طلب ڪيو وڃي) آهي، تنهن ڪري جنهن دنيا کي طلب ڪيو، آخرت ان جي مرڻ تائين ان کي تلاش ڪندي رهندي، جڏهن اهو مري ويندو ته ان کي پڪڙي وٺندي، ۽ جنهن آخرت طلب ڪئي، دنيا ان کي ڳوليندي رهندي ايسيتائين جو ان مان پنهنجو پورو رزق حاصل ڪري وٺي. (طبراني ڪبير، رقم 10328، ج 10، ص 162)
هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته؛ ”ٻه بُکيا بگهڙ ٻڪرين ۾ ڇڏيا وڃن