Yazed ka Dard Naak Anjaam

Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

شراب، بدڪاري کي عام ڪرڻ، ڀاءُ ڀيڻ جي نڪاح کي جائز قرار ڏيڻ، مَعاذالله عَزَّوَجَلَّ مديني شريف کي گهوڙن جي نجاست سان خراب ڪرڻ، ڪعبهء معظمه تي پٿر وسائڻ ۽ ان جي مقدّس غلاف کي باهه ڏيڻ، يزيدين جي گناهن جو اُهو انبار هو جنهن جي سبب صحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ کي هي خدشو ٿيو ته بَطورِ عذاب انهن ماڻهن تي آسمان مان پٿر وسندا.

بهرحال سچ آهي ته بُري ڪم جو انجام بُرو آهي، جيئن ته ڪربلا جي واقعي کي گهڻو عرصو نه گُذريو هو ته يزيد کي هڪ ڇوڪريءَ تيز ڌار واري خنجر سان قتل ڪري ان جي لاش جي بغير ڪفن جي ويراني ۾ اُڇلي ڇڏيو ۽ پڻ ٻين يزيدين کي به مُختار ثَقفي جي هٿان ذلّت واري انجام کي منهن ڏيڻو پيو. يقيناً يزيد ۽ يزيدين کي انهن ناپاڪ ڪمن جي ڪري قيامت تائين دُنيا انهن کي بُري لقبن سان ياد ڪندي. جيئن ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به يزيد کي پليد چوڻ جي شرعي اجازت ۽ ان جي باري ۾ سُٺا لفظ استعمال ڪرڻ مثلاً ان پليد کي اميرالمُؤمنين چوڻ لکڻ يا ان سان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکڻ منع فرمايو ۽ يزيد پليد جي لاءِ سُٺا لفظ استعمال ڪرڻ وارن جي مُذمّت بيان ڪندي انهن کي اهلبيت سان دُشمني رکڻ وارن ۾شُمار فرمايو. بلڪه خليفهء راشد حضرتِ سَيِّدُنا عُمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ته يزيد کي اميرالمُؤمنين چوڻ واري هڪ شخص کي دُرّا (يعني ڪوڙا) به هڻايا.