Yazed ka Dard Naak Anjaam

Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نازُڪ ۽ سهڻن گُلن کي جنهن بي دَردي سان چيڀاٽيو ان جي تصوُّر سان ئي دل لرزي پوي ٿو ۽ اکيون آليون ٿيون وڃن۔

ان گُستاخن، بي اَدَبن ۽ غَدّارن ان ڳالھ جي ڪا پرواھ نه ڪئي ته نبي اَڪرَم،نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرت سَيدُنا اِمام حُسَين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان پنهنجي مَحَبَّت ۽ اُن جي عظمت ۽ فضيلت کي ڪيتري قدر تاڪيد سان گڏ بيان فرمايو: هُمَا رَيْحَانَتایَ مِنَ الدُّنْيا ، يعني حَسَن ۽ حُسَين (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا) دُنيا ۾ منهنجا ٻه(2) گُل آهن۔([1]) مزيد ارشاد فرمايو: اِنَّ الْحَسَنَ وَالْحُسَيْنَ سَيِّدا شبابِ اَهْلِ الْجَنَّة، يعني حَسَن ۽ حُسَين
(رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا) جنّتي جوانن جا سردار آهن۔([2])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سُلطانِ ڪربلا، حضرت سَيدُنا اِمامِ عالي مقام، اِمام حُسَين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيئن ته تمام گھڻا رَحم دل هئا، تنهنڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ يزيد پليد جي ظالم ۽ جابر ساٿين کي ميدانِ جنگ ۾ دعوتِ فڪر ڏيندا رهيا، گڏوگڏ پنهنجي اَہَمّيت ٻُڌائي ڪري اُنهن کي جنگ و جِدال ۽ ظُلم و سِتَم کان باز اچڻ جي مُسلسل نصيحت فرمائيندا رهيا، جيئن ته ميدانِ ڪربلا ۾ حُجّت پوري ڪرڻ جي لاءِ حضرت سَيدُنا امام حُسَين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ



[1]… بخاری،کتاب فضائل اصحاب النبی،باب مناقب الحسن والحسین ،۲/۵۴۷، حدیث:۳۷۵۳

[2]… ترمذی،کتاب المناقب، باب مناقب ابی محمد الحسن بن علی...الخ، ۵/۴۲۶،حدیث:۳۷۹۳