Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

جو حساب پوشيدہ طور تي ئي وٺندو، توکي رُسوا (خوار) نه ڪندو۔ ہا! جيڪو ڪنهن کي تڪليف پہچائڻ جي خُفۡيه تدبيرون ڪري رہيو ہجي يا لِڪي ڪري بُريون حرڪتون ڪرڻ جو عادي ٿي چُڪو ہجي ته، ان جو اِظہار ضرور ڪر ته جيئن اهو شخص اِيذاء کان بچي وڃي يا هي شخص توبھ ڪري وٺي۔ مطلب هي ته صرف بدنامي کان ڪنهن کي بچائڻ بهتر آهي، پر ان جي پوشيدہ ظُلم کان ڪنهن ٻئي کي بچائڻ يا ان جي اِصلاح ڪرڻ به بهتر آهي، اهو فَرۡق خيال ۾ رهي۔ هتي صاحبِ مِرۡقات رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه   جن فرمايو: جيڪو مُسَلمان جي هڪ عيب پوشي ڪري (لِڪائي)، ربّ تعاليٰ ان جي ست سو (700) بُرائين جي عيب پوشي فرمائيندو۔  (مرآۃ المناجیح،/۵۵۱-۵۵۲ بتغیر قلیل)

کسی کی خامیاں دیکھیں نہ میری آنکھیں اور

 

سُنیں نہ کان بھی عیبوں کا تذکرہ یارَبّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل شرحِ حديث جي روشني ۾ معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڪنهن شخص جي اندر اهڙي بُرائي ڏٺي وڃي جيڪا ٻين مسلمانن جي لاءِ باعثِ تڪليف ہجي، ته ان صورت ۾ مسلمانن کي ان شخص جي نُقۡصان کان بچائڻ جي نِيت سان ان جي اها بُرائي ظاہر ڪرڻ ۾ ڪو حَرَج ناهي بلڪه هي سٺي ڳالھ آهي، پر هن ڳالھ جو به خاص خيال رکڻ گھرجي ته جيڪڏهن ضرورتًا ٻين جي سامهون ڪنهن جي بُرائي ظاہر ڪرڻي پوي ته وڌائي چڙهائي ڪري بيان ڪرڻ جي بجائي صِرۡف اوتري ئي بُرائي ظاہر ڪئي وڃي جيتري قدَر ان جي ذات ۾ موجود آهي۔

اُگھاڙي ڪرڻ کان به وڏو گناه