Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

حضرت سيدُنا اِمام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه    ارشاد فرمايو: جنهن پنهنجي مُسلمان ڀاءَ کي اڪيلائي ۾ سمجھايو ان (شخص) ان کي نصيحت ڪئي ۽ زينت

بخشي ۽ جنهن سڀني جي سامهون سمجھايو، ان، ان کي رُسوا ۽ بدنام ڪيو۔حضرت سيدُنا مِسۡعَر بن ڪِدام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه    کان پڇيو ويو: ڇا توهان ان شخص کي پسند ڪندا آهيو جيڪو توهان کي توهان جي عيبن تي خبردار ڪري؟ فرمايو: جيڪڏهن تنهائي ۾ نصيحت ڪري ته پسند آهي ۽ جيڪڏهن سرِ عام سمجھائي ته پسند ناهي۔ (احیاء العلوم،۲/۶۶۰ بتغیرقلیل)

پنهنجا سينا مسلمانن جي طرف کان صاف رکو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ماڻهن جي عادت ہوندي آهي ته اهي  ٻين جي ٽوھ ۾ رہندا آهن ۽ پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن جا عيبَ ۽ بُرائيون تلاش ڪندا رہندا آهن ۽ جڏهن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ته موقعي جي تلاش ۾ لڳي ويندا آهن ۽ پوءِ ان جي عزّت، وقار ختم ڪرڻ ۽ ٻين جي نظر ۾ ان کي ذليل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن اهڙي محفل ۾ يا اهڙي مُعَزَّز شخصيت جي سامهون، ان جون ڪمزوريون ظاهر ڪندا آهن جو اهو ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رہندو ۽ شرم کان پاڻي پاڻي ٿي ويندو آهي، حالانڪه نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تعليمِ اُمّت جي لاءِ صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان کي مُخاطب ڪري ارشاد فرمايو: مون کي  ڪو صحابي ڪنهن جي طرف کان ڪا ڳالھ نه پہچائي، آئون چاہيان ٿو ته توهان وٽ صاف سيني  ۾ ايندو رهان ۔   (ابوداود،کتاب الادب،باب رفع الحدیث من المجلس، ۴/۳۴۸،حدیث: ۴۸۶۰)

مشہور مُحَدّث حضرت سَيدُنا شيخ عبدُالحق مُحَدِّث دہلَوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪيل حديثِ پاڪ جي هن حصّي مون کي  ڪو صحابي ڪنهن جي طرف کان ڪا