Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

ڏئي، نه ڪنهن جي دل آزاري ڪري، نه بِلا اجازتِ شَرعي ڪنهن کي ماري ۽ نه ئي ڪنهن کي بي جا تنقيد جو نشانو بڻائي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي ته سرڪارِمدينهء مُنَوَّرہ، سردارِمڪهء مڪرَّمه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عظمت نشان آهي: اَلْمُسْلِمُ مَنْ سَلِمَ الْمُسْلِمُوْنَ مِنْ لِّسَانِہٖ وَیَدِہٖ  يعني ڪامل مسلمان اهو آهي ته جنهن جي زبان ۽ ہٿ کان ٻيا مسلمان محفوظ رهن۔

                                           (بخاری،کتاب الایمان،باب المسلم مَن  …الخ،۱/۱۵،حدیث:۱۰)

بُرائيءَ جو ساٿ نه ڏيو

ڪجھ ماڻهون پاڻ ته عيب جوئي ناهين ڪندا، پر شيطان مَڪار ٻين طريقن سان اُن کي پنهنجي جال ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اهو هن طرح جو جڏهن ڪنهن مجلس ۾ مسلمانن جي لڪيل عيبن کي ظاهر ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي، ته اهڙا ماڻهون اُنهن کي هن بُري ڪم کان روڪڻ يا اُتان کان اُٿڻ جي بجائي اُبتو اُن جي ڳالهين کان لُطف اَندوز ٿيندا آهن ۽ ٽَهڪ بلند ڪندي نظر ايندا  آهن ۽ هن طرح مسلمانن جي عزّتن جو سَرِ عام تماشو بنائڻ  ۾ شريڪ ٿي ويندا آهن، حالانڪه هئڻ هي گھرجي ها ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي خَطا يا ان جي عيب جو تذڪرو ان جي موجودَگيءَ ۾ يا غير موجودگيءَ ۾ شروع ڪري ته ڪا شرعي مَصۡلَحت نه ٿيڻ جي صورت ۾ ثوابِ آخِرت ڪمائڻ جي نِيت سان فوراً مسلمان جي عزّت جي حفاظت ڪندي بُرائي بيان ڪرڻ واري کي ان بُري ڪم کان اَحسن انداز ۾ منع ڪيو وڃي، نه ته گهٽ ۾ گهٽ دل ۾ بُرو ڄاڻيندي ان مجلس کي ڇڏيو وڃي۔ 

عزتِ مسلم جي تحفظ جي فضيلت

مُصطَفٰي جانِ رَحمت، شمعِ بزمِ ہدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عافِيت نشان آهي: جيڪو پنهنجي (مسلمان) ڀاءُ جي غير موجودگيءَ ۾ ان جي