Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

مُسَلمان  جي عيبن تي مُطَّلَع ٿيڻ تي ان جي پردہ پوشي فرمائي يا (بِلا مصلَحتِ شرعي) ان جو عيب ظاہرڪري ڇڏيو؟ گڏوگڏ ڪنهن جي راز جي ڳالھ (بغير ان جي اجازت جي) ٻئي کي ٻُڌائي ڪري خِيانت ته ناهي ڪئي؟“

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪتاب”غيبت جون تباه ڪاريون“ جو تعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرؤ! مسلمانن جي عيبن جي پردہ پوشيء جا فضائل ۽ اُن جي غيبت ۽ عيب جوئي جي تباہ ڪارين جي مُتَعَلِّق مزيد معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اہلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامہ مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي   دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه  جي تصنيف فَيضانِ سنّت جلد دُوُم جو باب ”غيبت جون تباھ ڪاريون“ پڙھڻ انتہائي مُفيد آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ ان ڪتاب ۾ غيبت جون تعريفون، غيبت ڪرڻ وارن جي عذاب جا دردناڪ واقعا، چغل خوري، تڪبر ۽ ٻين گناھن جي آفتن، علماءِ جي اہميت جي مُتَعَلِّق اَہم معلومات، غيبت جا علاج، مسلمانن جي عيبن جي پردہ پوشيءَ جا فضائل، عيب لڪائڻ جون وعيدون، ڪيترن ئي موضوعات تي غيبت جون سوَين مثالون، حڪايتون ۽ ٻيا بي شمار مدني گُلَ موجود آهن، تنهنڪري اڄ ئي ان ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي کان ھديةً طلب فرمايو، پاڻ به ان جو مُطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net کان ان ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙهي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو.