Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail
هڪ به اهڙو ناهي جيڪو سڄاڳ ٿي ڪري ٻه رَڪۡعتون نماز اَدا ڪري وٺي، اِهڙي طرح سُتا پيا آهن ڄڻ انهن کي مَرڻو ئي ناهي۔ هي ٻُڌي ڪري منهنجي والدِ محترم جن جواب ڏنو:اي منهنجي جان! جيڪڏهن تُون به سُتل هجين ها ته ان کان بہتر هو ته ماڻهن جي عيب جوئي ڪرين ها۔
(حکایاتِ گلستانِ سعدی،حکایت نمبر ۴۸،ص۷۵ ملخصاً)
آج بنتا ہوں مُعزز جو کُھلے حشر میں عیب آہ! رُسوائی کی آفت میں پھنسوں گا یا ربّ
(وسائلِ بخشش ص:85)
امانت ۾ خِيانت ڪرڻ وارو
هڪ عقلمند جي سامهون ڪنهن سڃاڻپ واري هڪ مُسَلمان جي غيبت ڪئي، ان عقلمند چيو: اي شخص! پہريان منهنجو دل فارِغ هو، هاڻي تو غيبت جي ذريعي منهنجو دل ان مُسلمان جي عيبن جي مُتَعَلّق وَسۡوَسن ۽ نَفۡرتن ۾ مشغول ڪري ڇڏيو ۽ ان مُسَلمان کي منهنجي نظر ۾ ڪم تَر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي طرح تون به منهنجي آڏو ڪِنو ٿي وئين، ڇو جو آئون سمجھندو هئس ته تون اَمانت دار آهين ۽ ڳالھ کي چڱي طرح لڪائڻ وارو آهين، هاڻي جڏهن ته تو ان جو عيب ظاهر ڪيو ته معلوم ٿي ويو ته تون اَمانت دار ناهين، تنهنجي دل ۾ ڪا ڳالھ رُڪي نٿي۔
(تَنبِیہُ الغافِلین،باب النمیمۃ، ص۹۲ مفہوماً )
مٺا مٺا اسلامي ڀائرؤ! توهان ڏٺو ته هي حضرات مسلمانن جي عزّت ۽ نامُوس جو ڪيتري حَسين انداز ۾ دِفاع فرمائيندا هئا ته جيڪڏهن اُن جو ڪو پنهنجو به ڪنهن مُسَلمان جي غِيبت يا بُرائي ڪندو هو ته رشتيداري يا دوستيءَ جو لِحاظ ڪندي ان جي ڳالھ کي خاموشيءَ سان ٻُڌي وٺڻ يا ہا ۾ ہا