Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

سان ڪم رکندي پنهنجي نَفۡس جي نِگہباني ڪندا آهن ۽ ٻين

جي عيب ڳولهڻ جي بجائي پنهنجي ذات ۾ مَوۡجود عيبن کي دُور ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات مصروف رہندا آهن ۽ جيڪڏهن اُنهن کي پنهنجي مسلمان ڀائرن جا عَيبَ ڪنهن طرح معلوم ٿي به وڃن ته شيطان جي چڪر ۾ اچي ڪري اُن جا عيبَ  ظاهر ڪرڻ جي بجائي رِضائي الٰہي جي لاءِ پردہ پوشي ڪندي ۽ ثوابِ آخرت جا حقدار بڻجندا آهن۔ عقلمندي جو تقاضو به اهو ئي آهي ته جڏهن ڪنهن ٻئي جا عيب بيان ڪرڻ جو جيءُ چاهي، ان وقت پنهنجي عيبن جي طرف مُتَوجھ ٿي ڪري اُن کي دُور ڪرڻ ۾ لڳي وڃڻ گھرجي، خُدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! هي تمام وڏي سعادت مندي آهي جيئن ته       نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمائن ٿا: طُوْبٰى لِمَنْ شَغَلَهُ عَيْبُهُ عَنْ عُيُوْبِ النَّاسِ  يعني ان شخص جي لاءِ خوشخبري آهي ،جنهن کي سندس عيبن،ماڻهن جا عيب بيان ڪرڻ کان باز رکيو۔ (فرْدَوْس الاخبار،۲ /۴۶،باب الطاء، حدیث:۳۷۴۲)

پردھ پوشي جو مؤثَّر طريقو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته پنهنجي مسلمان ڀائرن جي غيبتن ۽ بُرائين کان بچڻ جو هڪ مؤثَّر طريقو هي به آهي ته انسان پنهنجي اندر ملندڙ خامين جي طرف نظر ڪري، ڇو جو جڏهن ان جي نظر پنهنجي بُرائين تي پوندي ته يقينًا ان جي دل ۾ هي خواہش پيدا ٿيندي ته منهنجي انهن بُرائين جي ڪنهن کي خبر نه پوي، تنهنڪري پنهنجي غَلَطين کي پوشيدہ رکڻ جو اهو ئي احساس ان کي پنهنجي مسلمان ڀائرن جي غَلَطي ۽ بُرائي کي پوشيدہ رکڻ تي آمادہ ڪري  ڇڏيندو۔ اچو! انهيءَ  جي متعلق بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ  تَـعَالٰی اَجۡمعِیۡن جي نصيحتن تي مُشۡتَمل ڪجھ مدني گُل ٻُڌون ٿا، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ