Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

    اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحبوب، دانائي غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: اي اُهي انسانو جن زبانن سان ته اِيمان آندو آهي، پر توهان جي دل ۾ اڃا تائين اِيمان داخل ناهي ٿيو! مسلمانن جي غيبت ۽ اُن جا عيبَ تلاش نه ڪندا ڪريو، ڇو جو جيڪو مسلمانن جا عيبَ تلاش ڪندو، اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جا عيب ظاہر فرمائي ڇڏيندو ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جنهن جا عيب ظاہر فرمائيندو آهي ان کي رُسوا (خُوار) ڪري ڇڏيندو آهي، چاهي اهو پنهنجي گھر ۾ ہجي۔ (شعب الایمان،باب فی تحریم اعراض الناس ، ۵/۲۹۶، حدیث: ۶۷۰۴)   هڪ ٻئي مقام تي اِرشاد فرمايو: طعنو ڏيڻ، غيبت ۽ چُغل خوري ڪرڻ ۽ بي گُناھ ماڻهن جا عيب تلاش ڪرڻ وارن کي اللہ تعاليٰ (قِيامت جي ڏينهن) ڪتّن جي شَڪل ۾اُٿاريندو۔

                               ( الترغیب والترھیب،کتاب الادب،الترھیب فی النمیمۃ،۳/ ۳۹۵، حدیث:۴۳۳۳ )

نہ تھی حال کی جب ہمیں اپنے خبر

 

رہے دیکھتے اَوروں کے عیب و ہُنر

پڑی اپنی بُرائیوں پہ جو نظر

 

تو نگاہوں میں کوئی بُرا نہ رہا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ياد رهي! عُہدو، وزارت يا ڪو وڏو مرتبو ۽ مقام ملي وڃڻ يقينًا نعمتِ خداوندي  آهي، پر عُہدو وغيرہ  ملڻ کان بعد ڪجھ (ماڻهن) جي مِزاج ۾ بلڪل ئي تبديلي اچي ويندي آهي جو پوءِ اهي پنهنجي مُتَعَلِق ڪا خلافِ شان ڳالھ يا نصيحت ٻُڌڻ به گوارا نه ڪندا آهن ۽ بالفرض جيڪڏهن ڪو ويچارو اِصلاح جي غَرَض سان اُنهن ۾ مَوۡجود ڪنهن حقيقي عيب جي نشاندہي ڪري ڇڏي ته اهي آپي کان ٻاہر ٿي ويندا آهن، نتيجي ۾ خامي بيان ڪرڻ واري جي شامَت اچي ويندي آهي، ان غريب تي گارين جو وَسڪارو ڪيو