Ashabe Khaf Ka Waqiya

Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

الٰهي جو سجدو ادا ڪيو ته الله تعاليٰ ان جي دعا قبول ڪئي۔ اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم بادشاھ سان مُعانقو ڪيو يعني گلي مِليا ۽ فرمايائون: اسان توهان کي الله عَزَّوَجَلَّ جي حوالي ڪيون ٿا۔ وَالسَّلَامُ عَلَيکَ وَرَحْمَۃُاللّٰهِ وَبَرَکاتُهُ، الله تعاليٰ تنهنجي، تنهنجي مُلڪ جي حفاظت فرمائي ۽ جنّن ۽ انسانن جي شر کان بچائي۔ بادشاھ بيٺو ئي هو جو اُهي حضرات پنهنجي خواب گاهن ڏانهن واپس موٽي مصروفِ خواب ٿيا ۽ الله تعاليٰ انهن کي وفات ڏني، بادشاھ هڪ وڻ جي ڪاٺي جي صندوق ۾ انهن جي جسمن کي محفوظ ڪيو ۽ الله تعاليٰ رُعب سان انهن جي حفاظت فرمائي جو ڪنهن کي مجال ناهي جو اتي پهچي سگھي۔ بادشاھ غار جي مُنڍ تي مسجد بنائڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪ خوشي جو ڏينهن مُعَيّن (يعني مخصوص) ڪري ڇڏيو ته هر سال ماڻهو عيد جيان اتي ايندا ڪن۔([1])

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان اسان کي 3 مدني گل حاصل ٿيا: پهريون اهو ته مرڻ کان بعد زنده ٿي اٿڻ حق آهي ۽ اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو واقعو ان جي نشاني ۽ دليل آهي۔ ٻيو اهو ته ڪراماتِ اَولياء حق آهن، اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم نبي نه بلڪ بني اسرائيل جا ولي آهن، انهن جي ڪرامت اها بيان ٿي ته غار ۾ 300 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ستل رهيا، ايترو عرصو بي غذا سمهڻ ۽ فنا نه ٿيڻ يقيناً هڪ ڪرامت آهي۔ هتي اها ڳالھ ذهن نشين رهي ته ڪرامت ستل هئڻ به ظاهر ٿي سگھي ٿي، ان جي لاءِ ولي جو جاڳڻ ضروري ناهي جيئن ته

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي تفسيرِ قرآن، بنام”صِراطُ الجِنان“ ۾ آهي: ڪرامت ولي کان سمهڻ مهل به ظاهر ٿي سگھي



[1]صِراطُ الجِنان،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ:۱۰۔۹،۵/۶۴۱،۵/۵۴۳،ماخوذاًبتغیر قلیل