Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

فرمائن ٿا: بزرگن جي آستانن جي برابر مسجد بنائڻ ۽ برڪت جي لاءِ اُتي نمازون پڙھڻ، قرآن شريف ۽ کوڙ حديثن مان ثابت آهي۔ سوره ڪهف ۾ آهي: لَنَتَّخِذَنَّ عَلَیۡہِمۡ مَّسۡجِدًا ﴿۲۱﴾ ([1]) (ترجموڪنز الايمان: قَسم آهي اسان ته اُنهن تي مسجد ٺاهِينداسين.) حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روضي مبارڪ ۽ اڪثر صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مزارن وٽ مسجدون آهن، اهي خود صحابه رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم اَجْمَعِين يا نيڪ ٻانهنعَلَيهمْ رَحمَةُ اللّٰهِ الْمُبِين بڻايون، هاڻي مزاراتِ اولياء وٽ مسلمان مسجدون بڻائيندا آهن، مقبولن جي قرب ۾ نماز وڌيڪ قبول ٿيندي آهي۔ مسجدِ نبوي ۾ هڪ نماز جو ثواب پنجاھ هزار(50000) نمازن جي برابر آهي، حُضُوْرِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قُرب جي وجه سان، ربّ تعاليٰ گنهگار اسرائيلين کي فرمايو هو: وَّ ادۡخُلُوا الۡبَابَ سُجَّدًا وَّ قُوۡلُوۡا حِطَّۃٌ ([2])(ترجمو ڪنز الايمان: ۽ دروازي کان سجدو ڪندي داخِل ٿيو ۽ چئو ته اسان جا گُناھ مُعاف ٿين۔) نبين جي قبرن جي برڪت سان توبه قبول ٿيندي۔ (الله تعاليٰ) حضرت سَيدُنا زڪريا عَلَيه السَّلَام جو واقعو بيان فرمائي ٿو: ہُنَالِکَ دَعَا زَکَرِیَّا رَبَّہٗ ۚ ([3])(ترجمو ڪنز الايمان: اُتي زڪريا پنهنجي رب کي سڏيو۔) حضرت سَيدُنا زڪريا عَلَيه السَّلَام حضرت سَيدَتُنا بي بي مريم رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْها وٽ بيهي پٽ جي دعا گھري، معلوم ٿيو ته بزرگن جي قُرب ۾ توبھ ۽ دُعا وڌيڪ قبول ٿيندي آهي۔([4])

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ بزرگانِ دين عَلَيهمْ رَحمَةُ اللّٰهِ الْمُبِين ۽ اهلِ حق علماءِ ڪرام کثَّرَھُمُ اللّٰه السَّلام



[1]پ۱۵،الکہف:۲۱

[2]پ۱،البقرۃ:۵۸

[3]پ۳، اٰل عمرٰن:۳۸

[4]مرآۃ المناجیح ،۱/۴۴۰ملتقطاًبتغیر قلیل