Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

ٿي ۽ اهڙي طرح بعدِ موت به۔ انهن جي جسمن کي مٽيءَ جو نه کائڻ اهو به ڪرامتِ اولياء مان آهي۔ اهو ضروري ناهي ته ولي پنهنجي اختيار سان ڪرامت ظاهر ڪري ۽ ان کي علم به هجي بلڪ بعض اوقات ولي جي اختيار بغير ۽ ان کي علم نه هئڻ باوجود به ڪرامت ظاهر ٿيندي آهي جيئن اصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي واقعي مان ٿيو۔([1]) ٽيو مدني گل اهو مليو ته بزرگن جي مزارن جي ويجھو مسجدون بنائڻ ۽ هر سال اُن جو عُرس ملهائڻ هرگز ممنوع ناهي بلڪه نيڪ ماڻهن جو طريقو آهي جيئن ته صدْرُ الْافَاضِل حضرت علّامه مولانا سَيد مفتي محمد نعيمُ الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه انهيء واقعي جي روشني ۾ ارشاد فرمائن ٿا: بزرگن جي مزارن جي ويجھو مسجدون بنائڻ اَهلِ اِيمان جو قديم طريقو آهي۔ بزرگن جي قُرب ۾ برڪت حاصل ٿيندي آهي، ان ڪري الله وارن جي مزار تي ماڻهو برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويندا آهن، قبرن جي زيارت سُنّت ۽ ثواب جو باعث آهي۔([2])

تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر سال جي شروعات ۾ شُهدَاءِ اُحُد عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي قبرن جي زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ اُنهن جي لاءِ دُعا ڪندا هئا (فرمائيندا هئا) ته سلامتي هجي توهان تي (راھ حق ۾) توهان جي صبر ڪرڻ جي سبب ۽ ڪهڙو نه بهتر آهي آخرت جو گھر (جيڪو توهان کي ان جي بدلي ۾ عطا ٿيو)۔ ([3])

سِراجُ الهند، حضرت سَيدُنا شاھ عبدالعزيز محدثِ دِهلَوي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: اولياءِ ڪرام عَلَيهم رَحْمَةُ اللّٰه ِالسَّلام جو عُرس ملهائڻ ان حديثِ پاڪ مان ثابت آهي۔([4])

مُفَسِّرِ شَهير،حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ارشاد



[1]صِراطُ الجِنان،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ:۱۱،۵/۵۴۴بتغیر قلیل

[2]خزائن العرفان،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ:۲۱،ص۵۵۲بتغیر قلیل

[3]مُصَنَّفعَبْد الرَّزّاق، کتاب الجنائز،باب فی زیاۃ القبور،۳/۳۸۱،رقم:۶۷۴۵ملخصاً

[4]فتاویٰ رضویہ،۲۹/۲۰۲ملخصاً