Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

جو اهو معمول رهيو آهي ته اهي پنهنجي مشڪلات جي حل جي لاءِ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي مزارن تي حاضري ڏيندا هئا۔ اچو! ان باري ۾ معمولاتِ بزرگانِ دين ملاحظه فرمايون،

1.      حضرت سَيدُنا حسن بن ابراهيم خَلّال حنبلي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪو معاملو پيش ايندو آهي، مان حضرت سَيدُنا امام موسيٰ بن جعفر رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي مزارِ پُر انوار تي حاضر ٿي سندن وسيلو پيش ڪندو آهيان۔ الله عَزَّوَجَلَّ منهنجي مشڪل کي آسان ڪري مونکي منهنجي مراد عطا ڪندو آهي۔([1])

2.      شافِعين جا عظيم پيشوا حضرت سيدُنا امام محمد بن اِدريس شافِعي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مون کي جڏهن ڪا حاجت پيش ايندي آهي ته مان ٻه رَڪعْت نَماز ادا ڪري حضرت سيدُنا امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي مزارِ پُر انوار تي وڃي الله عَزَّوَجَلَّ کان دعا گھران ٿو، اللهعَزَّوَجَلَّ منهنجي حاجت جلد پوري ڪندو آهي۔([2])

3.      حضرت سيدُنا يحييٰ بن سليمانرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مون کي هڪ حاجت پيش ٿي ۽ مان ڪافي تنگدست به هئس۔ مون حضرت سيدُنا معروف ڪرخيرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي قبرِ اَنور تي حاضري ڏني، 3 ڀيرا سُوره اِخلاص جي تلاوت ڪئي ۽ ان جو ثواب سندن رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ۽ سمورن مُسلمانن جي روحن کي بخشيو پوءِ پنهنجي حاجت بيان ڪئي۔ فرمائن ٿا ته مان ان حال ۾ واپس موٽيس جو منهنجي حاجت پوري ٿي چڪي هئي۔([3])

حضرت سيدُنا عبدالرحمٰن بن محمد زهري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت



[1]تاریخ بغداد، مقدمۃ المصنف،باب ماذکر فی مقابر بغداد…الخ،۱/ ۱۳۳

[2]الخیرات الحِسان،الفصل الخامس والثلاثون ،ص ۹۴ملتقطاً

[3]الروض الفائق،المجلس الرابع والثلاثون الخ، ص۱۸۸