Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

عَلَيه فرمائن ٿا ته رمضان مبارڪ جو مقدس مهينو آهي ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي پهرين روزي کولرائڻ جي تقريب آهي، ڪاشانَه اَقدس ۾ جتي اِفطار جو ٻين گھڻن قسمن جو سامان آهي۔ هڪ محفوظ ڪمري ۾کيرڻي جا پيالا به ڄمائڻ جي لاءِ رکيا ويا هئا. گھڻي گرمي جو وقت آهي ته  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه  جا والدِ ماجد (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه) سندن کي ان ڪمري ۾ وٺي وڃن ٿا ۽ دروازو بند ڪري کير جو هڪ پيالو کڻي ڏين ٿا ته ان کي کائي وٺو۔ پاڻ (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه) عرض ڪن ٿا: منهنجو ته روزو آهي ڪيئن کاوان؟ ارشاد ٿيو: ٻارن جو روزو اهڙو ئي هوندو آهي، وٺ کاءُ، مون دروازو بند ڪيو آهي، ڪير ڏسڻ وارو به نه آهي۔ پاڻ (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه) عرض ڪن ٿا: جنهن جي حڪم سان روزو رکيو آهي، اهو ته ڏسي رهيو آهي هي ٻڌندي ئي سندن رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي والدِ ماجد (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه) جي مبارڪ اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ ڪمرو کولي ٻاهر اچي ويا۔ (حياتِ اعليٰ حضرت،۱/۶۵)

اُس کی ہستی میں تھا عمل جوہر،سنّتِ مصطفٰے کا وہ پیکر

عالمِ دین، صاحبِ تقویٰ،واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو  ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ننڍپڻ کان ئي ڪيتري قدر سمجھدار هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ننڍپڻ کان ئي ڪيتري قدر دين دار، شريعت جا پابند هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ننڍپڻ کان ئي ڪيتري قدر عاشقِ رمضان هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه ننڍپڻ کان ئي ڪيتري قدر، خوفِ خدا رکڻ وارا هئا۔ 

اهڙي طرح محبوبِ سبحاني، غوثِ صمداني، شهبازِ لامڪاني سَيدُنا شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي وِلادَت يڪم رمضان ۾ ٿي ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  پهرين ڏينهن ئي کان روزا رکڻ شُروع ڪري  ڏنا۔

جيئن حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي امڙ سائڻ حضرت سَيدَتُنا اُمُّ الخَير فاطمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها فرمائن ٿيون: جڏهن منهنجو پٽ عبدُالقادِر پيدا ٿيو ته هو رَمَضانُ المُبارَڪ ۾ ڏينهن جي وَقت منهنجو کير نه پيندو هو،  اڳئين سال