Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

ديدار سان لُطف اندوز ٿيڻ ۽ مقصد جي حصول تي راضي ٿيڻ پر انهن شين جي لاءِ تڪبر ڇڏڻ، موليٰ عَزَّوَجَلَّ ڏانهن رجوع ڪرڻ ۽ ظاهر ۽ باطن ۾ ان تي ڀروسو ڪرڻ ضروري آهي۔ پوءِ اها ٻانهي نماز جي لاءِ بيهي رهي، ان پهرين رڪعت ۾ سڄِي سوره بقره پڙھي، پوءِ سورة اٰلِ عمران شروع ڪئي، پوءِ هڪ سورت ختم ڪري ٻي سورت شروع ڪندي رهي ايستائين جو سوره ابراهيم جي هن آيت تائين پهچي وئي: 

یَّتَجَرَّعُهٗ وَ لَا یَكَادُ یُسِیْغُهٗ وَ یَاْتِیْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّ مَا هُوَ بِمَیِّتٍؕ-وَ مِنْ وَّرَآىٕهٖ عَذَابٌ غَلِیْظٌ(۱۷)

ترجمو: سخت مشڪل سان ڍڪ ڍڪ ڪري ان کي پيئندو ۽ نڙي کان هيٺ لهڻ جي اميد ڪانه هونديس ۽ کيس هر طرف کان موت ايندو پر مرندو ڪونه ۽ ان جي پٺيان هڪ سخت عذاب آهي.   (پ۱۳،ابراھيم:۱۷)

پوءِ اها روئيندي انهيءَ آيت جو تڪرار ڪندي رهي ايستائين جو بي هوش ٿي زمين تي ڪري پئي جڏهن مون ان کي هِلايو ته اها وفات ڪري چڪي هئي۔ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں،ص۹۰بتغير قليل)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو ته پهريان وارا ماڻهو رمضان المبارڪ جا  حقيقي  قدر دان هئا جڏهن ته بدقسمتي سان هاڻي هن مقدس مهيني جي ناقدري ڪئي ويندي آهي۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان ۾ عبادت ۾ مصروف ٿي ويندا هئا جڏهن ته هاڻي ڪيترا ئي ماڻهو عام مهينن جي مقابلي ۾ هن مهيني ۾ ڪاروبار (Business) ۾ گھڻو مصروف ٿي ويندا آهن ڄڻ ته مال ڪمائڻ بلڪ مال جا ڍير لڳائڻ جو هڪ هي ئي موسم آهي، پوءِ شايد موقعو ئي نه ملندو۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان ۾ راتين جو بيدار ٿي الله پاڪ جي عبادت ڪندا هئا جڏهن ته هاڻي هڪ تعداد رمضان جون راتيون راند روند ۾ وڃائي ڇڏيندا آهن۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان جي هر هر گهڙيءَ کي نيڪين ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا جڏهن ته اڄ هڪ تعداد هن مهيني ۾ هر وقت پيسو ڪمائڻ جي ڌُن ۾ مگن ٿي  ويندو