Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! تمام جلد رَمَضَانُ المُبَارَڪ جو خوبصورت مهينو پنهنجي  دامن ۾ رحمتن ۽ مَغفرتن ۽ جهنم کان آزادي جو پروانو کڻي اسان جي وچ ۾ جَلوَه گَر ٿيڻ وارو  آهي ۔ هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ رحمتون ۽ برڪتون پنهنجي عروج تي هونديون آهن، هن مقدس مهيني جو هر هر لمحو، هر هر پل، هر هر ساعت ۽ هر هر گھڙي رحمت ڀري آهي۔ هن مهيني ۾  اَجر ۽  ثَواب گھڻو وڌي ويندو آهي، نَفل جو ثواب فَرض جي برابر ۽ فَرض جو ثواب ستّر (70) ڀيرا وڌايو ويندو آهي۔ الله پاڪ اسان کي هن مُبارڪ مهيني جو خوب خوب فيضان ماڻڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اي ڪاش! اسان سمورا روزا ظاهري ۽ باطني آداب سان گڏ رکڻ ۽ خشوع ۽ خضوع سان فرض نمازون، نفل ۽ پوري تراويح  جي نماز ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، تلاوتِ قرآنِ ڪريم جو خوب جذبو نصيب ٿي وڃي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان استقبالِ ماههِ رمضان بابت ئي ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين۔ اي ڪاش! سڄو بيان چڱين چڱين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد