Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

مرحبا  صد  مرحبا  پھر  آمدِ  رَمَضَان  ہے                              كِھل اُٹھے مُرجھائے دل تازہ ہوا اِیمان ہے

یاخُدا ہم عاصیوں پہ یہ بڑا اِحسان ہے                             زِندَگی میں پھر عطا ہم کو کِیا رَمَضَان  ہے

تجھ پہ صَدْقے جاؤں  رَمَضَاں! تُوعَظِیْمُ الشّان ہے             تجھ  میں نازِل حق تعالیٰ نے كیا قرآن ہے

اَبرِ رَحمت چھا گیا ہے اور سَماں ہے نُور نُور                           فَضْلِ ربّ سے مَغْفِرَت كا ہو گیا سامان ہے

ہر گھڑی رَحْمت بھری ہے  ہر طرف ہیں بَرَكتیں               ماہِ رَمَضَاں رَحمتوں اور بَرَكتوں كی كان ہے

آگیا رَمَضَاں عبادت پر کَمَر اب باندھ لو                          فیض لے لو جلد یہ دِن تیس كا مہمان ہے

عاصیوں كی مغفرت كا لے كر آیا ہے پیام                        جُھوم جاؤ مُجْرِمو! رَمَضاں مَہ ِغُفران ہے

یاالٰہی تُو مدینے میں كبھی رَمَضَاں دِكھا                               مُدّتوں سے دِل میں یہ عطّار كے اَرمان ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي ايمان افروز خطبي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته  پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  رمضان المبارڪ جي اهميت ۽ فضيلت سان ڪيتري قدر واقف هئا ۽ هن نُوراني مهيني کان ڪيتري والهانه عقيدت ۽ محبت ڪندا هئا، انڪري  جيئن ئي هي مبارڪ مهينو جلوه گر ٿيندو هو ته نه صرف پاڻ نيڪين ۾ مشغول ٿيندا هئا بلڪ مسلمانن ۾ عبادت جو ذوق ۽ شوق بيدار ڪرڻ جي لاءِ انهن کي به هن مقدَّس مهيني ۾ اخلاص سان ۽ ڪثرت سان نفلي عبادت جي ترغيب ڏياريندا هئا ۽ آمدِ رمضان جي پُرنور موقعي تي چراغان جي ذريعي مسجدن کي روشن ڪرڻ به پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جي مبارڪ معمولات ۾ شامل هو جيئن ته حضرت سيدُنا ابو اسحاق همداني رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: امير الم‍ؤمنين حضرت سَيدُناعلي المرتضيٰ، شيرِخدا کرَّمَ الله تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم رَمضانُ المبارڪ جي پهرين رات (First  Night ٻاهر نڪتا ته ڏٺائون ته مسجدن تي فانوس چمڪي رهيا آهن ۽ ماڻهو ڪتابُ الله جي تلاوت ڪري رهيا آهن۔ هي ڏسي پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه  جن ارشاد فرمايائو: نَوَّرَاللہُ لِعُمَرَ  فِيْ قَبْرِہٖ كَمَا نَوَّرَ مَسَاجِدَ اللہِ بِالْقُرْآنِ  يعني الله عَزَّ وَجَلَّ اميرالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي قبر کي ائين ئي منوَّر ڪري جيئن پاڻ