Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

(2) اهڙي طرح اَبُوالۡاَسوَد جُمَحِي به وڏو طاقتور پهلوان هو، ان جي باري ۾ اچي ٿو ته هو ايترو طاقتور هو جو هڪ چمڙي تي ويهي رهندو هو ۽ ڏھ پهلوان ان چمڙي کي ڇڪيندا هئا ته جيئن هو چمڙو ان جي هيٺان نڪري وڃي پر اهو چمڙو ڦاٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃڻ جي باوجود ان جي هيٺان نه نڪرندو هو۔ هڪ ڀيري ان به بارگاھِ اقدس ۾ اچي اهو چيلنج ڪيو ته جيڪڏهن رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي ڪشتيءَ ۾ ڪيرائي وڌو ته مان مسلمان ٿي ويندس۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان ڪُشتي وڙهڻ جي لاءِ اٿي بيٺا ۽ ان جو هٿ پڪڙيندي ئي ان کي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو۔ هو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن طاقتِ نبوت سان حيران ٿي يڪدم مسلمان ٿي ويو۔   (زرقاني علي المواهب،الفالثانييما اڪرمه الله ...الخ ،۶/۱۰۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! الله پاڪ پنهنجي محبوب عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي ڪيتري جسماني طاقت عطا فرمائي هئي۔ ياد رکو! شهنشاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به پيٽ ڀري کاڌو نه کاڌائون ۽ نه ئي پاڻ پهلواني ڏانهن متوجھ ٿيا هئا ٻيو اهو به معلوم ٿيو ته ماڻهو ڪلمو پڙھي ايمان آڻن، پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ان جا وڏا حريص هئا، تڏهن ته ابوالاسود جي چيلنج تي ان سان مقابلي جي لاءِ تيار ٿي ويا ۽ جڏهن ان کي هارائي ڇڏيو ته هو اسلام قبول ڪرڻ وارو بڻجي ويو۔ الله پاڪ اسان کي به نيڪين جو حرص عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون