Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

خدا ۾ مشغول هجي، تهليل، تسبيح ۽ تحميد پڙهي۔ (يعني لَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللهُ، سُبْحٰنَ الله ، ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ جو وِرد ڪندو رهي) ايستائين جو سمهي پوي انسان جنهن حالت تي سمهندو آهي اُن تي ئي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي اُن تي ئي قيامت جي ڏينهن اٿندو۔ (ايضا) ٭ جاڳڻ کان پوءِ هي دعا پڙهو؛اَلْحَمْدُ لِلّٰه الَّذِيۤ اَحْيانَا بَعْدَ مَآ اَمَا تَنَا وَاِلَيه النُّشُوْرُ۔ (بخاري،۴/۱۹۶،حديث: ۶۳۲۵) ترجمو؛ سڀ تعريفون الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان پوءِ زندهه ڪيو ۽ انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي۔ ٭ انهي وقت پڪو ارادو ڪري ته پرهيزگاري ۽ تقويٰ اختيار ڪندو، ڪنهن کي به نه ستائيندو۔ (فتاويٰ هندية،۵/۳۷۶)، ٭ جڏهن ڇوڪري يا ڇوڪرِيءَ جي ڄمار ڏهه سال ٿئي ته انهن کي الڳ الڳ سمهارڻ گھرجي بلڪ ان ڄمار جو ڇوڪرو ايڏي وڏي (يعني پاڻ جيڏن) ڇوڪرن يا (پاڻ کان وڏن) مردن سان گڏ نه سمهي۔ (درمختار و رد المحتار ج 9 ص 629) ٭ ننڊ مان سجاڳ ٿي ڏندڻ ڪريو ٭ رات جو ننڊ مان سجاڳ ٿي تهجُّد ادا ڪريو ته وڏي سعادت آهي۔ سرڪار مدينه راحت قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو؛ ”فرضن کان بعد افضل نماز رات جي نماز آهي۔“ ( مُسلِم،ص ۵۹۱ حديث: ۱۱۶۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ  

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو؛ ”فيضانِ رَبيعُ الْآخِر“ جنهن ۾ حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيه جي سيرت جي حوالي سان ڪجھ مفيد ڳالهيون بيان ٿينديون، رَبيعُ الآخِر کي ڪهڙي نموني گذارڻ گھرجي، بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيهم هن مهيني جي مناسبت