Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

خاندانِ مُصطفيٰ جا چرچا آهن ته ڪٿي برڪاتِ نبوت جو بيان آهي۔٭ ڪٿي معجزاتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اَخلاقِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔٭ ڪٿي اِختياراتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي نوازشاتِ مُصطفيٰ جو بيان آهي۔٭ ڪٿي هجرتِ مُصطفيٰ جون ڳالهيون آهن ته ڪٿي اِستقبالِ مُصطفيٰ جو بيان آهي ۔ ڄڻ ته ذرّو ذرّو ميلادِ مُصطفيٰ جي برڪتن سان پنهنجو حصو سميٽي رهيو آهي۔ انهيءَ مُناسبَت سان اڄ اسان به رحمتِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسماني طاقت جي باري ۾ ٻڌنديوسين۔

الله پاڪ اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اچو! سڀ کان پهريان انهيءَ باري ۾ هڪ واقعو ٻڌون ٿيون:

نبي ڪريم ۽ عرب جو مشهور پهلوان

 مڪي جي ويجھو ڳوٺ ۾ رُڪانه نالي پهلوان رهندو هو۔ ان جو نسبي تعلق خاندانِ بنو هاشم سان هو، هو تمام ئي طاقتور، وڏي زور وارو، زبردست رعب ۽ دٻدٻي وارو ۽ مار ڪٽ ڪرڻ وارو شخص هو۔ ”جبل اِضَم جي وچ ۾ هڪ سرسبز وادي هئي جتي هو ٻڪريون چاريندو هو۔ هن وادي ۾ ڪنهن کي چرپر ڪرڻ جي جُرئت نه هوندي هئي۔ ماڻهو ان جي سامهون اچڻ کان لهرائيندا هئا۔ مشرڪن ۽ ٻين اسلام جي دشمنن جي غلط ڳالهين ڦهلائڻ جي ڪري هو رسولِ اڪرم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان شديد نفرت جا جذبات رکندو هو۔ ان جي دشمني هن حد تائين وڌي وئي جو مَعَاذَالله هو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شهيد ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو۔ اُمّت تي مهربان، ٻنهي جهانن جا سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن به قسم جي خطري کي بغير ڪنهن خاطر ۾ آڻيندي هڪ ڏينهن دينِ اسلام جي دعوت جي لاءِ رُڪانه جي وادي ۾ اڪيلا تشريف کڻي ويا۔ اتي رُڪانه به ٻاهر اچي ويو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسي مڇرجي پيو ۽ تڪبر جي نشي ۾ بدمست ٿي چيائين: يامُحَمّدُ!اَنْتَ الَّذِي تَشْتِمُ اٰلِھَتَنَا يعني اي محمد! (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اوهان ئي آهيو جيڪي اسان جي معبودن کي بُرو چئو ٿا؟ ان کان پوءِ هو وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ چوڻ لڳو: اي محمد! (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اوهان اسان جي معبودن کي بُرو ۽ ڪمزور چئو ٿا ۽