Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

۾ شيطان جي پيروي ڪيون ٿيون يا ربّ رحمٰن جي پيروي ڪيون ٿيون۔ شيطان اهو چاهيندو آهي ته اسان  ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڙهڻ لڳون جڏهن ته ربِّ رحمٰن اهو حڪم فرمايو آهي ته مسلمان هڪ ٻئي سان درگذر ڪن، هڪ ٻئي کي معاف ڪن ته جيئن الله پاڪ انهن جي بخشش فرمائي۔ الله پاڪ جي بارگاه ۾ دعا آهي ته اسان هميشه درگذر ۽ معاف ڪرڻ جي عادت اپنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔

اچو! ٻين کي معاف ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ان جي فضيلت تي 5 حديث سڳوريون ٻڌون ٿيون:

 درگذر ڪرڻ جي فضيلت

 (1) پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ٽي ڳالهيون جنهن شخص ۾ هونديون الله تعاليٰ قِيامت جي ڏينهن ان جو حِساب تمام آسان طريقي سان وٺندو ۽ ان کي پنهنجي رَحمَت سان جنَّت ۾ داخل فرمائيندو۔ صحابه ڪِرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو؛ اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن؟ ارشاد فرمايائون؛ )1( جيڪو توهان کي مَحرُوم ڪري، توهان ان کي عطا ڪريو )2( جيڪو توهان سان تعلق ٽوڙي توهان ان سان جوڙيو )3( جيڪو توهان تي ظلم ڪري توهان ان کي معاف ڪريو۔ (معجم اوسط،۴/۱۸،حديث :۵۰۶۴)

 (2) فرمايائون: علم سکڻ سان ايندو آهي، تَحَمُّل مزاجي بتڪلُّف (يعني تڪليف) برداشت ڪرڻ سان پيدا ٿيندي آهي ۽ جيڪو ڀلائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ان کي ڀلائي ڏني ويندي آهي ۽ جيڪو شر کاڻ بچڻ چاهيندو آهي، ان کي بچايو ويندو آهي۔ (تاريخِ مدينةدمشق،الرقم:۲۱۶۲،رجاء بن حيويه،۱۸/ ۹۸)

(3)فرمايائون: پنج ڪم انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ السَّلَام جي سنّت آهن، انهن مان هڪ تَحَمُّل مزاجي به آهي۔ (موسوعة الامام ابن ابي الدنيا، ڪتاب الحلم ،۲/ ۲۴،حديث : ۶)

(4)فرمايائون: بيشڪ انسان بُردباري جي ڪري روزيدار ۽ شب بيدار جو درجو ماڻيندو آهي۔ (موسوعة الامام ابن ابي الدنيا،ڪتاب الحلم،۲/ ۲۷، حديث : ۸ ملتقطاً)