Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

۽ اها رحمت عالم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري عادت هئي جو بداَخلاقي ڪرڻ، ڇڙٻڻ، ڌمڪيون ڏيڻ يا گُھورڻ يا ڪنهن به قسم جي بد اَخلاقي ڪرڻ واري سان به الفت ۽ پيار ڀريو برتاؤ ڪندا هئا، ۽ بداَخلاقي سان پيش اچڻ واري تي به لطف و ڪرم ڪندا هئا ۽ ان کي پنهنجي حسين اَدائن جو اَسِير (قيدي) بڻائيندا ها۔ حضرت بي بي عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راھ خدا ۾ جهاد جي علاوه ڪڏهن ڪنهن شيء، عورت يا خادم کي پنهنجي دستِ اقدس سان نه ماريائون، ۽ نه ئي ايذاء پهچڻ تي ايذاء ڏيڻ واري کان بدلو ورتائون، البت جڏهن الله پاڪ جي حُرمت کي ٽوڙيو ويندو هو ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي لاءِ ان کي سزا ڏني۔

( مسلم،ڪتاب الفضائل،باب مباعدتهٖ للآثام۔۔۔ الخ، ص۹۷۸، حديث:۶۰۵۰)

رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهيءَ اَخلاقِ ڪريمانه جي برڪتن سان فيضياب ٿي ڪيئي ماڻهن اِسلام قبول ڪيو ۽ بي شُمار ماڻهن جي زندگين ۾ اهڙو مدني انقلاب پيدا ٿيو جو هر پاسي اسلام جي ڦهلجڻ واري روشني گمراهي ۽ ضلالت جي اونداھين کي مٽائي ڇڏيو ۽ قتل و غارت گَري ڪرڻ وارن رت جي پياسن کي جامِ محبت پيئڻ نصيب ٿيو۔

٭صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اسان جو ڪردار ۽ درگذر

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انهيءَ طرزِ عمل (يعني حُسنِ اَخلاق) کي سامهون رکندي اڄ اسان غورو فڪر ڪريون ته اسان جو اخلاق ڪهڙو آهي، اسان ته سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ پاڻ تي لازم سمجھون ٿيون، ڪا اسان سان بداخلاقي سان ڳالھ ڪري ته اسان ان کي ان کان وڌيڪ بداخلاق ٿي ڏيکارڻ پسند ڪيون ٿيون، ڪنهن اسلامي ڀيڻ سان ڪا غلطي به ٿي وڃي ۽ هو ان تي معافيون گھرندي وتي تڏهن به اسان ان کي