Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

ڏيندي اهو فرمايائون: گھٻرايو نه الله فضل ڪندو جيڪو وٺي اچندو اهو کارائيندو، توهان ايترو ڪجو جو منهنجي اچڻ کان پهريان ديڳڙي چولھ تان نه لاهجو ۽ اٽو پچائڻ نه شروع ڪجو پوءِ قدرتِ خدا جو تماشو ڏسجان۔ ٭ هن واقعي ۾ حضورِ انور، شاھ بحرو بر(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي لعاب شريف جا کوڙ معجزا آهن: ٻوٽين ۾ ڪثرت ۽ برڪت، شوربي جي پاڻي ۾ برڪت، شوربي جي لوڻ مرچ مصالحي گيھ ۾ برڪت و ڪثرت، اٽي ۾ برڪت و ڪثرت، جنهن ڪاٺي سان اهي شيون پچايون ويون ان ۾ برڪت، ماني پچائڻ واري جي هٿ ۾ قوت و طاقت نه ته ايتري وڏي جماعت جي دعوت جي لاءِ ڪيئي مڻ گوشت ڪاٺيون اٽو گھرجي ها، پچائڻ وارا به گھڻا کپن ۽ کوڙ تندور کپن ها جيئن ته اڄڪلھ شادين جي دعوتن ۾ ڏٺو ويندو آهي۔٭ (حضرت) موسيٰ عَلَيه السَّلَام جي عصا سان پاڻي جا ٻارهن چشما پٿر (Stone) مان ڦٽي نڪتا هتي حضور(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي لعاب سان ديڳڙي مان ٻوٽين شوربي جا چشما ڦٽي نڪتا۔(مرآة المناجيح ،۸/۱۷۷تا ۱۷۹ ملتقطاً)

واہ کیا جُود و کرم ہے شَہِ بَطحا تیرا                             نہیں سُنتا ہی نہیں مانگنے والا تیرا

دھارے چلتے ہیں عَطا کے وہ ہے قَطرہ تیرا                   تارے کِھلْتے ہیں سَخا کے وہ ہے ذَرّہ تیرا

فَیْض ہے یا شہِ تَسْنِیم نِرالا تیرا                               آپ پیاسوں کے تَجَسُّس میں ہے دریا تیرا

آسماں خَوان، زمیں خَوان، زمانہ مہمان                      صاحبِ خانہ لقب کس کا ہے تیرا تیرا

(حدائقِ بخشش،ص۱۶،۱۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان آقا عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي جسماني طاقت جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيوسين۔ يقيناً الله ڪريم پنهنجي پياري محبوب عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي بي مثال طاقت عطا فرمائي هئي جنهن جو ڪائنات ۾ ڪو مثال نٿو ملي، اهو ئي سبب هو جو وڏي کان وڏو پهلوان پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کان مقابلي جي سگھ نه رکندو هو، اچو هن باري ۾ ٻه واقعا ٻڌون ٿيون: