Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

يزيد بن رُڪانه سان مقابلو

  (1) بيان جي شروع ۾ اسان رُڪانه پهلوان جو واقعو ٻڌو هو۔ ان جو هڪ پٽ هو جنهن جو نالو يزيد هو، هو به ناليوارو پهلوان هو۔ هڪ ڀيري هو ٽي سؤ ٻڪريون ڪاهي بارگاھِ نبوت ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين ته اي  محمد!( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اوهان مون سان ڪُشتي وڙهو۔ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون ته جيڪڏهن مان توکي ڪيرائي وڌو ته تون مون کي ڪيتريون ٻڪريون انعام ۾ ڏيندين؟ ان چيو ته هڪ سؤ ٻڪريون مان اوهان کي ڏيندس۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تيار ٿي ويا ۽ ان سان هٿ ملائيندي ئي ان کي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو ۽ هو حيرت وچان پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو منهن ڏسڻ لڳو ۽ واعدي جي مطابق هڪ سو ٻڪريون ان پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏئي ڇڏيون۔ وري ٻيهر ان ڪُشتي وڙهڻ جي لاءِ چيلنج ڏنو۔ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻئين ڀيري به ان کي هارائي ڇڏيو۔ ان وري هڪ سؤ ٻڪريون پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏنيون۔ وري ٽئين ڀيري ان ڪشتيءَ  جي لاءِ للڪاريو۔ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جو چيلنج قبول فرمائي ورتو ۽ ڪُشتي وڙهي ان کي ايترو زور سان زمين تي هنيو جو هو پٺيءَ ڀر وڃي ڪريو۔ ان باقي هڪ سؤ ٻڪرين کي به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو۔ پر چوڻ لڳو ته اي محمد! سڄو عرب شاهد آهي ته اڄ تائين ڪو پهلوان مون کي ناهي هارائي سگھيو پر اوهان ٽي ڀيرا مونکي جھڙي نموني ڪُشتيءَ ۾ هارايو آهي هن سان منهنجي دل مڃي وئي آهي ته يقيناً اوهان خدا جا نبي آهيو، اهو چيائين ۽ ڪلمو پڙهي دامنِ اسلام ۾ اچي ويو۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي مسلمان ٿيڻ سان بيحد خوش ٿيا ۽ ان جون ٽي سؤ ٻڪريون واپس موٽائي ڏنيون۔ (زرقاني علي المواهب،الفصل الثاني فيما اڪرمه الله ...الخ ،۶/۱۰۳)

ابوالاسود سان مقابلو