Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

پنهنجي خدا جي وڏائي بيان ڪريو ٿا۔ جيڪڏهن منهنجو اوهان سان خانداني رشتو نه هجي ها ته اڄ مان اوهان جو ڪم تمام ڪري ڇڏيان ها پر اوهان کي مان بغير مقابلي جي وڃڻ نه ڏيندس۔

 ان کان پوءِ رُڪانه رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پاڻ سان ڪُشتي وڙهڻ جي دعوت ڏني ۽ چيائين: مان پنهنجي خدائن کي سڏيندس ۽ اوهان پنهنجي خدا کي مدد جي لاءِ پڪاريو۔ جيڪڏهن اوهان مون کي هارائي ڇڏيو ته مان اوهان کي ڏھ ٻڪريون ڏيندس۔ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جو چيلنج قبول ڪري ورتو ۽ ان سان ڪشتي وڙهڻ جي لاءِ آماده ٿي ويا۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رُڪانه جي هٿن ۾ هٿ ڏنا ۽ ان جو چنبو مروڙيائين۔ رُڪانه جا هوش اُڏامي ويا ۽ هو درد سان تڙپڻ لڳو۔ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ڌڪو ڏنو ته هو سڪل پَن جيان زمين تي ڪري پيو۔ رُڪانه کي پنهنجي بازو جي قوت تي ناز هو، هو سوچي به نه پئي سگھيو ته حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن طرح ڪجھ لمحن ۾ ان کي اهڙي طرح ڪيرائي وجهندا۔ جيڪو ڪجھ ٿيو ان جي توقع جي خلاف هو پر رُڪانه ان کي اتفاق سمجھندي هار نه مڃي۔ هوش بحال ٿيا ته ان ٻيهر ڪشتي وڙهڻ جي درخواست ڪئي۔ پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ان جي درخواست منظور ڪئي۔ پر ان جو نتيجو به پهريان کان مختلف نه هيو يعني هن ڀيري به هو گھڙي کن ۾ هارجي ويو۔ رُڪانه حيرت ۾ پئجي ويو۔ ان جي وهم و گمان ۾ به نه هو ته ان جھڙي ڪنڌار پهلوان جو اهڙو حشر ٿيندو۔ پر اڃا به هو شڪست قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو۔ ٽئين ڀيري وري ڪشتي وڙهڻ جي درخواست ڪئي جيڪا پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قبول ڪئي۔ ٽئين ڀيري به شڪست ان جو مقدر ٿي ۽ هو پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي زورِ بازو جي تاب نه سهي ڪري پيو ۽ چيائين: اهو سڀ ڪجھ اوهان نه ڪيو بلڪ اوهان جي غالب ۽ قادر معبود الله ئي ڪيو آهي جڏهن ته منهنجي خدائن مون کي رسوا ڪيو آهي۔ (دلائل النبوۃ للاصبهاني، الفصل التاسع عشر ، ذڪر خبر رڪانۃ، ۲/ ۲۳۵ماخوذاً)

   هتي اها ڳالهه به ملي ٿي ته رڪانه پهلوان چيو هو ته جيڪڏهن اوهان مون کي ڪيرائي ڇڏيو ته مان مسلمان ٿي ويندس ته پوءِ رڪانه مسلمان ٿي ويو،