Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

يعني انهيءَ وقت اسلام کڻي آيو جڏهن ته هڪ روايت جي مطابق ان فتحِ مڪه جي ڏينهن اسلام قبول ڪيو هو. (شرح الزرقانی علی المواہب،الفصل الثانی فیما اکرمہ اللہ...الخ، ۶/۱۰۲) 

شهزادهءِ اعليٰ حضرت، مفتي اعظمِ هند مولانا مُصطفيٰ رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇا ته خوب فرمائن ٿا:

سب سے اعلیٰ عزّت والے                          غلبہ و قہر و طاقت والے

حُرمت والے کرامت والے                      تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

ظاہر باہِر سیادت والے                                 غالب قاہر ریاست والے

قوت والے شہادت والے                           تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

بگڑی ناؤ کون سنبھالے                               ہائے بھنور سے کون نکالے

ہاں ہاں زور و طاقت والے                           تم پر لاکھوں سلام

تم پر لاکھوں سلام

(سامانِ بخشش، ص۸۹-۹۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سُبْحٰنَ الله! اوهان ڏٺو ته اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيترا طاقتور ۽ اعلٰي اخلاق جا مالڪ هئا جو سامهون وارو وڙهڻ جي ڳالھ ڪري رهيو آهي ڪشتي جو چيلنج ڪري رهيو آهي، سخت لهجي ۾ ڳالھ ڪري رهيو آهي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر قُربان وڃجي حُسنِ اَخلاق جي پيڪر، محبوبِ رَبِّ دَاوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خُلقِ عظيم تي جو سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ بدران حِلم و بُردباري، صبرو استقامت ۽ نرمي سان ڪم وٺندا رهيا۔