Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

معافي ناهيون ڏينديون۔ اهي سڀ دين کان دوري ۽ شيطاني پيروي جو نتيجو آهي۔

  ياد رکو! شيطان اسان جو ازلي دشمن آهي۔ ٭ شيطان هرگز اهو پسند نه ڪندو ته اسان اسلامي ڀينرون پاڻ ۾ مُتَّحِد رهون، ٭شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته اسان هڪ ٻئي سان همدردي ڪيون، ٭شيطان هرگز اهو پسند نه ڪندو ته اسان هڪ ٻئي جي عزّت و ناموس جون مُحافِظ بڻجون، ٭شيطان هرگز اهو برداشت نه ڪندو ته اسان هڪ ٻئي جي غَلَطين کي نظر انداز ڪريون، ٭ شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته اسان  درگذر سان ڪم وٺون۔ ٭ شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته اسان  پنهنجا حق معاف ڪري ڇڏيون، ٭شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته اسان  هڪ ٻئي جي حقن جو لحاظ رکون۔ ٭ شيطان هرگز اهو نه چاهيندو ته اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪريون۔ بلڪ ٭ شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته اسان پاڻ جھيڙو فساد ڪيون۔ ٭ شيطان ته اهو ائي چاهيندو ته اسان  هڪ ٻئي جي عزتن تي ڪيچڙ اُڇلايون۔ ٭شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته اسان  بداخلاقي ۽ بريون ڳالهيون ڪريون۔ ٭شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته اسان هڪ ٻئي کي خوب گاريون ڏيون۔ ٭ شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته جيڪڏهن ڪا اسلامي ڀيڻ ڪنهن کي هڪ چماٽ هڻي تي بدلي ۾ ٻي ٻه چماٽون وهائي ڪڍي۔ ٭ شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته جيڪڏهن ڪا اسلامي ڀيڻ ڪنهن کي هڪ مُڪ  هڻي ته بدلي ۾ ٻي ڪيئي مُڪا   هڻي۔  شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته جيڪڏهن ٻارن جي پيء سان ڪا غلطي ٿي وڃي ته ان کي جِي ڀري طعنا ڏنا وڃن۔ ٭ شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته خاندان جي ڪنهن فرد جي غلطي کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي سڄي زندگي جي لاءِ ان جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي۔ ٭ شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماسين  جي ننڍين غلطين تي ان کي گھڻو ذليل ڪيو وڃي۔ ٭ شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته وڏي رتبي ۽ وڏي عهدي واري اسلامي ٻين اسلامي ڀينرن کي حقير سمجھي پاڻ کان ننڍن کي ڪيولين برابر سمجھي۔ مطلب ته! ٭ شيطان ته اهو ئي چاهيندو ته اسان  پاڻ ۾ وڙهنديون رهون۔ هاڻي اسان کي سوچڻ گھرجي ته اسان پنهنجي معاملات