Maut Ka Akhri Qasid

Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

اَللّٰهُمَّ اِنَّكَ اَرْسَلْتَ اِليَّ وَ لَمْ تَاْذَنْ لِيْ فَاِنْ كُنْتَ قَدْ رَضِيْتَنِيْ فَائْذَنْ لِيْ وَ اِنْ لَّمْ تَرْضِنِيْ فَوَفَّقْنِيْ لِمَا يُرْضِيْكَ يعني: اي الله پاڪ! تو مون ڏانهن قاصد موڪليو پر هي نه ٻڌايو ته تون مون سان راضي به آهين يا نه. اي مالِڪِ ڪريم! جيڪڏهن تون مون سان راضي آهين ته مون کي ٻڌاءِ، جيڪڏهن راضي ناهين ته پنهنجي رضا وارا ڪمَ ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.

   اڃان هي پوڙهو شخص دعا گهري رهيو هو  ته ايتري ۾ هڪ ٻڪري يا ان جهڙو ڪو جانور آيو، ان پُوڙهي شخص ان جو کيرُ پِيتو، پوءِ ان جي پُٺيءَ تي هٿ گهُمائي ڪري ان کي برڪت جي دعا ڏني ۽ واپس مسجدِ نبوي شريف ۾ اچي ويو.

   حضرت عبدُ الله بن ابو نوح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪجھ راتيون مان ان کي ڏسندو رهيُس، ان جو روزانو اهو ئي معمول هو، آخر هڪ ڏينهن مان ان  پوڙهي جي خدمت ۾ حاضر ٿيُس، مون کيس ٻڌايو ته مان ڪجھ راتين کان لڪي ڪري مان ان کي ڏسندو رهيو آهيان، پوءِ مون پڇيو: اهو قاصد ڪير آهي جنهن کي الله پاڪ اوهان جي طرف موڪليو؟ ان پوڙهي صاحب فرمايو: هڪ ڏينهن مان آئينو ڏسي رهيو هيُس، مون پنهنجي ڏاڙهي ۾ هڪ اڇو وارُ ڏٺو، بَس مون ڄاڻي ورتو ته هي الله پاڪ جي طرف کان مون وٽ موت جو قاصد آهي.[1]

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مان ڪافي سارن جا وارَ اڇا ٿي ويا هوندا پر افسوس! اسان عبرت حاصل نٿا ڪيون، ڪاش! اسان به موت جي انهن قاصدن جي طرف توجھ ڪيون، اسان به عبرت حاصل ڪيون ۽ موت کان بعد واري زندگي (Life after death) جي لاءِ تياري (Preparation) شروع ڪري ڇڏيون.


 

 



[1] التذکرة للقرطبی ،  باب ماجاء فی رسل ملک الموت قبل الوفاۃ،صفحہ:40۔