Maut Ka Akhri Qasid

Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

قاصدَ نه موڪليا؟ بَس هاڻي مان آخري قاصد آهيان مون کان بعد ڪو قاصد ناهي ۽ مان آخري ڊيڄاريندڙ آهيان مون کان بعد ڪو ڊيڄاريندڙ ناهي.[1]

  اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو: بخار ۽ مختلف بيماريون به موت جو قاصد آهن. دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو انسان هجي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا نه ٿيو هجي، بخار، مٿي ۾ سور وغيره ته معمولي بيماريون آهن، ڪيترائي ماڻهو مختلف بيمارين جو شڪار هوندا آهن، ڪنهن کي شُوگر آهي، ڪنهن کي هيپاٽائٽس، ڪو جگر جي بيمارين ۾ مبتلا آهي، ڪنهن کي گُردن (Kidney) جا مسئلا آهن، ڇا اسان انهن بيمارين کان عبرت حاصل ڪندا آهيون؟ شايد نه. بخار هجي، ڪا بيماري لڳي وڃي ته اسان کي گهرجي ته اسان عبرت حاصل ڪيون، موت کي ياد ڪيون، ان بيماري کي زندگيءَ جي آخري بيماري سمجهي ڪري گناھن کان سچي پڪي توبھ ڪيون ۽ نيڪين ۾ لڳي وڃون پر اسان جو حال ابتو آهي، ڪيترا ئي ماڻهو آهن جيڪي معمولي مٿي جي سور(Minor Headache) يا بخار وغيره جي ڪري نمازِ باجماعت جي سعادت کان محروم ٿي ويندا آهن بلڪه ڪيترائي اهڙا نادان به هوندا جيڪي بيماريءَ کي بهانو بڻائي ڪري نمازون ئي قضا ڪري ڇڏيندا هوندا.

  هاءِ افسوس! بيماري ته موت جو قاصد آهي، هي آئي هئي ته جيئن اسان غفلت جي خواب کان جاڳي وڃون پر اسان وڌيڪ غفلت (Heedlessness) جو شڪار ٿي ويندا آهيون.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] التذکرة للقرطبی ،  باب ماجاء فی رسل ملک الموت قبل الوفاۃ ،  صفحہ:36۔