Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat
شريعت جي جذبي جو هي عالَم هو جو سڄو ڏينهن مختلف ديني ڪمن ۾ مصروف رهڻ جي باوجود به نماز جي ادائيگي کان غافل نه ٿيندا هئا، نماز سان سندن محبت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته شديد بيماري جي حالت ۾ به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نماز ترڪ ڪرڻ پسند نه ڪندا هئا ايستائين جو هڪ ڀيري بيهوشي جي سبب نماز جو وقت ويندو رهيو، اک کلڻ تي جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خبر پئي ته نماز جو وقت ته نڪري چڪو آهي يعني نماز قضا ٿي وئي ته ان طرح غير اختياري طور تي نماز قضا ٿيڻ تي به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حالت ايتري قدر غير ٿي وئي جو اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا جيئن ته،
نماز جي پابندي
شيخِ طريقت ،اميرِ اهلسنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّاؔرقادري رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”تذڪرهٔ صدرُ الشريعه“ ۾ نقل فرمائن ٿا: سفر هجي يا حَضَر صدرُالشَّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪڏهن به نَماز قضا نه ڪندا هئا۔ شديد کان شديد بيماري ۾ به نماز ادا ڪندا هئا۔ اجمير شريف ۾ هڪ ڀيرو شديد بُخار ۾ مبتَلا ٿي ويا ايستائين جو غشي طاري ٿي وئي۔ ٻنپهرن کان پهريان غشي طاري ٿي وئي ۽ عصر تائين رهي۔ حافِظ ملّت مولانا عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خدمت جي لاءِ حاضِر هئا، صدرُ الشَّريعه، بدرالطريقه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي جڏهن هوش آيو ته سڀ کان پهريان پڇيائون ته وقت ڇا ٿيو آهي؟ ظهر جو وقت آهي يا نه؟ حافِظ ملّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عرض ڪيو ته ايترو وقت ٿيو آهي هاڻ ظهر جو وَقت ناهي۔ اهو ٻڌي ايتري اَذِيت پهچي جو اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا۔حافِظ ملّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پڇا ڪئي ته سائين کي ڪٿي درد آهي ڇا، ڪا تڪليف آهي؟ فرمايائون: (نهايت وڏي)