Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”مدني قافله“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي رُوحاني فيض ۽ برڪتن سان مالا مال ٿيڻ جي لاءِ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان ماهوار هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني قافِله“ به آهي۔ مدني قافلن جو هڪ مقصد مسجدن جي آباد ڪاري به آهي ۽ مسجدن کي آباد ڪرڻ وارن جي باري ۾ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته بيشڪ الله  عَزَّوَجَلَّ جي گھرن کي آباد ڪرڻ وارا ئي الله عَزَّ وَجَلَّ وارا آهن۔ (معجم اوسط، ۲/۵۸، رقم:۲۵۰۲) اچو! ترغيب جي لاءِ مَدَني قافِلي جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا جيئن

دل جو مريض تندرست ٿي ويو

بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاء جي دل جون ٻه ناليون بند هيون، ڊاڪٽر اينجيو گرافي (اين۔جي۔يو۔گِرا۔فِي) جو مشورو ڏنو۔ هڪ ڏينهن هڪ اسلامي ڀاء انهن کي سنّتن جي تربيت جي مدني قافِلي ۾ سفر ڪري اتي دعا گھرڻ جي ترغيب ڏياري، پوءِ اهو 3 ڏينهن جي مَدَني قافِلي جو مسافر بڻجي ويو، واپسي تي جڏهن ٽيسٽ ڪرايو ويو ته تمام رَپورٽون دُرُست هيون، ڊاڪٽر حيرت وچان پڇيو: آخر اهو ڪيئن ٿيو؟ جواب ڏنو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مَدَني قافِلي ۾ سفر ڪري دعا ڪرڻ جي بَرَڪت سان مون کي دل جي مُهلِڪ مرض مان نَجات مل وئي۔

ہے شفا ہی شفا، مرحبا! مرحبا!

 

آ کے خود دیکھ لیں، قافلے میں چلو

دل میں گر دَرْد ہو ڈر سے رُخ زَرْد ہو

 

پاؤ گے فَرحتیں قافلے میں چلو

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۶۷۴)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد