Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

محبوب هونديون آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شمار به اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت مولانا شاه احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي لاڊلي ۽ باوفا مريدين ۾ ٿيندو هو جن جي قابليت تي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهڙي هستي کي به هميشه ناز رهيو۔ پير و مرشِد سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي محبت ۽ وفاداري جو اندازو هن ڳالھ ۾ لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڊگھي عرصي تائين بريلي شريف ۾ رهائش پذير رهيا جڏهن ته پنهنجي مخلصانه دِيني خدمتن جي سبب عوام ۽ خواص ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه منفرد حيثيت رکندا هئا، جيڪڏهن چاهن ها ته ان جي ذريعي پنهنجي لاءِ تمام گھڻي دولت ۽ جائيداد گڏ ڪري سگھيا ٿي پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي غيرت ائين ڪرڻ کي پسند نه ڪيو ايستائين جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو ڪو ذاتي گھر پڻ نه بڻايو بلڪ بريلي شريف ۾ پير و مرشِد جي جلوه فرما هئڻ جي سبب پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان کي پنهنجو گھر تصور ڪري ورتو هو۔ مرشِدِ ڪريم جي اُلفت ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ايتري قدر فنا ٿي چڪا هئا جو جيڪڏهن جو اوهان جي علمي ڪارنامن ۽ صلاحيتن جي ساراھ ڪندو هو ته خوشي ۾ آڪڙجڻ ۽ انهن ڪارنامن ۽ صلاحيتن کي پنهنجو ڪمال تصور ڪرڻ جي بدران پنهنجي پير و مرشِد يعني اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو فضل ۽ ڪرم سمجھندا هئا جيئن

مُرشد جي آستاني سان وفا

هڪ ڀيرو ڪنهن شخص تاجدارِ اهلسنّت، مفتي اعظم هند، شهزاده اعليٰ حضرت علامه مولانا مصطفيٰ رضاخان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سامهون صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرتِ علّامه مولانامفتي محمد امجد علي اعظمي
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جو تذڪرو ڪيو ته مفتي اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي مبارڪ اکين مان