Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانامفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ديني خدمتن جي باري ۾ ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  دِينِ متين جي خدمت سان سرشار هن عظيم هستي 27 سال جي عرصي ۾ آيتن ۽ حديثن سان مالامال، ڪتبِ فقه مان چونڊي چونڊي فقهي مسائل کي گڏ ڪري هڪ عظيم الشان تصنيف بنام ”بهارِ شريعت“ کي مرتب فرمايو جڏهن ته پنهنجي پير و مرشد اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان ترجَمه قرآن” ڪنز الايمان“ لکائڻ جو شرف حاصل ڪيو۔ پير ومرشد سان محبت ۽ وفاداري جو ثبوت ڏيندي پاڻ تادمِ حيات شهر مرشد ئي کي پنهنجي رهائش گاه بڻائي رکيو، تمام گھڻي مصروفيت جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حالتِ مرض ۾ به ڪڏهن به نماز کي نه ڇڏيائون ۽ سنّت جي ادائيگي جي نيت سان گھر جو ڪم ڪار به خوشي سان ڪندا هئا۔ الله تعاليٰ اسان کي به صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهڙي مدني سوچ ۽ جذبو عطا فرمائي ته جيئن اسان به خدمتِ دين جي لاءِ تڙپڻ وارا ، پنهنجي پير و مرشد جا سچا پڪا وفادار ۽ پنهنجي گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ واري پياري سنت تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت