Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنَّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

جُتي پائڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخِ طريقت،امير اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطارقادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101 مدني گل“ مان جُتي پائڻ جون سنتون ۽ آداب :پهريان ٻه فرامينِ مصطفي ملاحظہ فرمايو:

* جتي ڪثرت سان استعمال ڪيو جو انسان کي جيستائين جتي پاتل هوندي آهي ڄڻ اهو سوار آهي ۔([2])(يعني ٿڪاوٽ گھٽ ٿيندي) * جڏهن توهان مان ڪو جتي پائي ته ساڄي کان ابتدا ڪري ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي کان ابتدا ڪرڻ گھرجي ته جيئن ساڄو پير پائڻ ۾ پهرين ۽ لاهڻ وقت آخر ۾ رهي۔۔([3]) نُزهَةُ القاري ۾ آهي: مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت حڪم هي آهي ته پهرين ساڄو پير مسجد ۾ رکي ۽ جڏهن مسجد کان نڪري ته پهرين کاٻو پير ٻاهر ڪڍي، مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت ان (جتي پائڻ جي ترتيب واري) حديث تي عمل دشوار آهي۔ اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن ان جو حل هن طرح ارشاد فرمايو: جڏهن مسجد ۾ داخل ٿيو ته پهرين کاٻو پير ڪڍي ڪري جُتي جي مٿان رکي پوءِ ساڄو پير جُتي مان ڪڍي مسجد ۾ داخل ٿئي، ۽ جڏهن مسجد کان ٻاهر ٿيو ته کاٻو پير ٻاهر ڪڍي جتي تي رکو پوءِ



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵

[2]مُسلِم، ص۱۱۶۱،حدیث:۲۰۹۶

[3]بُخاری،۴/۶۵،حدیث:۵۸۵۵