Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

جھلڪيون ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جي اندر به دِيني ڪمن ۾ حصو وٺڻ جي تڙپ پيدا ٿئي جيئن

روزانو جو جَدوَل

شيخِ طريقت،امير اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ”تذڪرهٔ صدرُ الشريعه“ ۾ نقل فرمائن ٿا: صدرُ الشَّريعه، بدرُالطَّريقه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو روزانو جو جَدْوَل ڪجھ هن طرح هو جو فجر نماز کان پوءِ ضَروري وظائف ۽ تلاوتِ قرآن کان پوءِ ڪلاڪ ڏيڊ ڪلاڪ پريس جو ڪم ڪندا هئا۔ پوءِ فوراً مدرَسي وڃي تدريس ڪندا هئا۔ ٻنپهرن جي کاڌي کان پوءِ پريس جو ڪم ڪندا هئا۔ نماز ِظهر کان پوءِ عَصر تائين وري مدرَسي ۾ تعليم ڏيندا هئا۔ نمازِ عصر کان پوءِ مغرِب تائين اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ ويهندا هئا۔ بعدِ مغرِب عشاء تائين ۽ عشاء کان پوءِ ٻارهن (12) بجي تائين اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ فتويٰ نَويسي(فتويٰ لکڻ) جو ڪم انجام ڏيندا هئا۔ هن کان پوءِ گھر واپَسي ٿيندي هئي ۽ ڪجھ تحريري ڪم ڪرڻ کان پوءِ تقريباً ٻه (2) بجي رات ۾ آرام ڪندا هئا۔اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حياتي جي آخر تائين يعني ڪم وبيش ڏھ (10) سالن تائين روزانو جو اهو ئي معمول رهيو۔ صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانامفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هن سخت محنت ۽ عزم واستقلال کان اُن دَور جا وڏا وڏا عالم حيران هئا۔

(تذکرہ صدرُ الشريعہ، ص ۱۷-۱۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بريلي شريف ۾ صدرُ الشّريعهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذِمّي