Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

سرسري نظر وجھون ته اها حقيقت روشن ڏينهن جيان اسان تي واضح ٿي ويندي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا ڏينهن رات دين ۽ قرآن و حديث جي خدمت ۽ مسلڪ اعليٰ حضرت کي ڦهلائڻ ۾ گذريا ۽ اسلام جي سربلندي ۽ اُمّت جي خير خواهي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مقصدن ۾ شامل رهي، انهيءَ مدني جذبي اوهان کي هن ڳالھ تي اڀاريو ته مسلمانن جي هٿن ۾ الله تعاليٰ جي پاڪيزه ڪلام قرآن ِڪريم جو ڪو اهڙو ترجمو هئڻ گھرجي جو جنهن کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ ڪنهن قسم جي دُشواري محسوس نه ٿئي، ان کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ واري جي دل ۾ خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصْطَفٰي جو اضافو ٿئي، جو ذات ِباري تعاليٰ جي تقدس، انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ الصَّلوةُ وَالسَّلام جي شان وعظمت ۽ ان جي  ناموس جي حفاظت جو حقيقي ترجمان نيز صحابه ڪرام عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان ۽ اولياءِ عظام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِیْن جهڙين مقدس هستين جي عظمت ۽ رفعت ۽ انهن جي مقام ۽ مرتبي جو سچو محافظ ۽ پاسبان هجي، لهٰذا خدمت ِدين ۽ مسلمانن جي خير خواهي جي هن مُبارڪ جذبي تحت صدرُ الشريعه  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي پير و مرشد ۽ وقت جي مُجَدِّد يعني اعليٰ حضرت، امام اهلسنت مولانا شاه احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بارگاھ ۾ مقدس هستين جي ناموس جو محافظ ترجَمه قرآن تحرير ڪرڻ جي درخواست پيش ڪئي،

ترجَمهءِ ڪنزالايمان.

شيخِ طريقت،امير اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطارقادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ پنهنجي رسالي ”تذڪرهٔ صدرُ الشريعه“جي صفحي نمبر17۽ 18 تي ترجَمه قرآن جي باري ۾ صدرُ الشّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دِيني خدمتن جو تذڪرو ڪندي، تحرير