Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

قِيامت جي ڏينهن فِرعون، قارون، هامان ۽ اُبَيۡ بن خَلَف سان گڏ هوندوـ”

(جمع الجوامع،حرف الخاء،الخاء مع المیم،۴/۲۵۹، حدیث:۱۱۶۶۱)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪيل حديثِ پاڪ جي شرح ڪندي حديثِ پاڪ جي هن حصي”جيڪو شخص نماز جي(حفاظت ڪري“ جي وضاحت ۾ ارشاد فرمائن ٿا: اهڙي طرح جو نماز هميشه پڙھي، صحيح پڙھي، دل لڳائي اخلاص سان ادا ڪري۔ (مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حديثِ پاڪ جي هن حصيان جي لاءِ نماز قِيامت جي ڏينهن نور، دليل ۽ ڇوٽڪارو هوندي جي شرح ۾ فرمائن ٿا) قيامت ۾ قبر به داخل آهي ڇوته موت به قيامت ئي آهي۔ مطلب اهو آهي ته نماز قبر ۾ ۽ پُل صِراط تي روشني ٿيندي جو سجدي واري جڳھ تيز بيٽري جيان چمڪندي ۽ نماز ان جي مؤمن هئڻ بلڪه اللهعَزَّ وَجَلَّ کي سڃاڻڻ وارو هئڻ جي دليل ٿيندي، نيز ان نماز جي ذريعي سان ان کي هر هنڌ نجات ملندي ڇوته قيامت ۾ پهريون سوال نماز جو ٿيندو جيڪڏهن ان ۾ ٻانهو ڪامياب ٿي ويو ته اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ اڳتي به ڪامياب ٿيندو۔ (حديثِ پاڪ جي هن حصياهو شخص قِيامت جي ڏينهن فِرعون، قارون، هامان ۽ اُبَيۡ بن خَلَف سان گڏ هوندوـجي وضاحت ڪندي مفتي صاحب فرمائن ٿا ته) اُبَي بِن خَلَف اهو مشرڪ آهي، جنهن کي نبي ڪريم صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُحد جي ڏينهن پنهنجي هٿن سان قتل ڪيو۔ ان ۾ اشارةً فرمايو ويو ته بي نمازي جو حشر انهن ڪافرن سان ٿيندو ۽ نمازي مؤمن جو حشر اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ نبين سڳورن عَلَیْہِمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام، صدّيقن، شهيدن ۽ نيڪن عَلَیْہِم رَحمَۃُ اللّٰہ ِالْمُبِین  سان ٿيندو۔ ان سان اهو لازم نٿو اچي ته بي نمازي ڪافر ٿي وڃي ۽ نمازي نبي، بلڪه بي نمازي کي قيامت ۾ انهن ڪافرن