Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

نمبر 23 ۾ فرمائن ٿا ته ڇا اڄ اوهان دعوتِ اسلامي جي مَدَني ڪمن (مثال طور انفرادی ڪوشش، درس ۽ بيان، مدرسة المدينه بالغان وغيره) ۾ گھٽ مان گھٽ ٻه(2) ڪلاڪ صَرف ڪيا؟

مدني ڪمن جي لاءِ گھٽ مان گھٽ ٻه ڪلاڪ ڏيڻ جو طريقو هي آهي ته پنهنجي نگران جي مشاورت سان انهن ٻن ڪلاڪن جو باقاعده جدول بڻايو وڃي، جنهن ۾ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ عملي طور تي شرڪت هجي، مثال طور مدني درس، مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙھڻ يا پڙھائڻ، مدني انعامات تي عمل ۽ مدني قافلن ۾ سفر جي لاءِ اِنفرادي ڪوشش ڪرڻ وغيره۔

اللهعَزَّ وَجَلَّ ،صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ امير اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي صدقي اسان کي به مدني ڪمن ۾ حصو وٺڻ جي تڙپ ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ استقامت نصيب فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْنصَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خوش نصيب هوندا آهن اهي ماڻهو جيڪي دِيني اعتبار سان شهرت جي بلندين تي هئڻ جي باوجود به پنهنجي پير ومرشد جي دامن کي نٿا ڇڏين ۽ آخري دم تائين وفا شعار مريدن وانگر ”يڪ در گير و محڪم گير يعني هڪ دروازو پڪڙ ۽ مضبوطي سان پڪڙ“ جي مُطابق مرشِد جا ٿي رهندا آهن، مرشدِ ڪريم حياتِ ظاهري سان مُتَّصِف هجن يا پردو فرمائي چڪا هجن ٻنهي صورتن ۾ ان جي وفا شعاري جي مدني جذبي ۾ ذري برابر به ڪمي واقع ناهي ٿيندي ايستائين جو پير و مرشد سان نسبت ۽ تعلق رکڻ واريون شيون به انهن کي حد کان وڌيڪ