Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

خريد ڪيو ۽ ان کي پنهنجي چادر ۾ کڻي ورتو مون عرض ڪيو: اي امير المؤمنين! اهو مون کي ڏيو مان کڻي هلان ٿو،فرمايائون: نه، عِيال دار ماڻهو (يعني ٻارن ٻچن وارن) کي گھرجي ته اهو (پنهنجو سامان) پاڻ ئي کڻي وٺي۔ (احیاء العلوم،۳/ ۱۰۵۰)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به جيئن ته عاشقِ خير الوريٰ ۽ يادگارِ اسلاف هئا، لهٰذا ڏينهن رات مسلسل ديني مشاغل ۾ مصروف رهڻ جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهيء سنّت تي عمل ڪندي گھر جي ڪم ڪار کان عار محسوس نه ڪندا هئا بلڪه سنّت تي عمل جي نيت سان انهن (ڪمن) کي خوشي سان ڪندا هئا۔ ۽ گھر ۾ سبزيون ڇهليندا، ڪٽندا ۽ ٻيا ڪم به ڪندا هئا۔ (ماہنامہ اشرفیہ،صدرُ الشریعہ نمبر،ص۵۴،ملخصاً،بتقدم وتاخر)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بدقسمتي سان ڪي ماڻهو مصروفيت جو بهانو بڻائي يا ائين ئي گھر جي ڪم ڪار ۾ حصو وٺڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آهن جڏهن ته ڪجھ ماڻهو ان ڪم کي پنهنجي شان جي خلاف تصور ڪندا آهن، ٻاهر ته عاجزي ۽ ملنساري جا پيڪر بڻجي ويندا آهن جڏهن ته گھر اندر ايندي ئي پنهنجو رُعب ۽ دٻدٻو ڏيکاري ۽ ببر شير جيان رڙيون ڪندا آهن، بالفرض ڪڏهن انهن کي گھر جي ڪنهن ڪم جي ذميداري سونپڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويندا آهن ۽ منهن ڦٽائي ۽ بڙ بڙ ڪندي ان ڪم کي ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪندا آهن، اسان سڀني کي گھرجي ته هرگز هرگز گھريلو ڪم ڪار کان جند نه ڇڏايون بلڪه پياري آقا مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻين سُنّتن سان گڏوگڏ گھريلو ڪم ڪرڻ واري پياري پياري سنّت تي به عمل ڪندا رهون۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد