Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

صدر الشّريعه مُرشد جي آستاني جا وفادار هئا۔

صدر الشّريعه ننڍن ٻارن تي نهايت شفيق ۽ مهربان هئا۔

صدر الشّريعه سنّت تي عمل ڪندي گھر جو ڪم ڪار انتهائي مصروفيت جي باوجود پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندا هئا۔

نبي پاڪ،صاحبِ ِلولاڪ صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّتن تي سختي سان عمل ڪندا هئا۔

جن کی ہر ہر ادا سُنتِ مصطفی

ایسے صدر الشّریعہ پہ لاکھوں سلام

سندن خصوصيتن مان اهو به هو جو پاڻ گھر يا ٻاهر ڪڏهن به نماز قضا نه ڪندا هئا، شديد بيماري ۾ به نماز جي پابندي ڪندا هئا۔

باجماعت نماز جو اهڙو جذبو هو جو مرحبا! جيڪڏهن ڪڏهن مؤذن مقرر وقت کان ليٽ ٿي ويندو هو پاڻ ئي اذان ڏيندا هئا۔

روزن سان اهڙي محبت هئي جو سخت بيماري ۾ به روزا نه ڇڏيندا هئا۔

ڪيتري ئي مصروفيت ڇو نه هجي فجر نماز کان پوءِ قرآنِ پاڪ جي هڪ سيپاري جي تلاوت ڪندا هئا۔

جمعي نماز کان پوءِ بِلاناغه 100 ڀيرا دُرودِ رضويه پڙھندا هئا۔

پنهنجي اولاد ۽ شاگردن جي عملي تعليم ۽ تربيت جو خصوصي خيال ڪندا هئا۔

صدر الشّريعه، خليفه اعليٰ حضرت اهڙا عاشقِ رسول هئا، جڏهن نعت شريف ٻڌندا هئا ته ادب طور ٻئي هٿ ٻڌي اکيون بند ڪندا هئا ۽ اکين مان عشقِ رسول ۾ لڙڪ وهڻ لڳندا هئا۔