Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

لکيائون ته اڄڪل اهڙي ڪتاب جي ضَرورت هئي جو عوام آسان اُردو ۾ صحيح مسئلا ڏسن۔ (بہارشريعت،حصہ دوم،۱/۴۱۴)

آپ کي تصنيف نے مُسْتَغْنِی هم کو کرديا

 

غیر کے آگے جبینِ اہلسنت خم نہیں

ہر طرف علم و ہنر کا آپ سے دریا بہا

 

آپ کا احسان اے صدرُ الشّریعہ کم نہیں

(ماہنامہ اشرفيہ، صدرُ الشريعہ نمبر،ص۲۸۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ !ٻڌو توهان خليفه اعليٰ حضرت، صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمدامجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مُبارڪ دِل ۾ دينِ اِسلام جي خدمت،اُمَّت جي لاءِ آساني ۽ مسلمانن جي شرعي رهنمائي جو جذبو ڪيتري قدر وڌيڪ هو جو اهي شرعي مسائل جيڪي وڏن وڏن عربي ڪتابن ۾ پوشيده ۽ عام مسلمانن بلڪ خواص تائين جي پهنچ کان گھڻو پري هئا، وڏا وڏا عالم بطورِ دليل جن کي پنهنجي فتاويٰ جات جي زِينت بڻائيندا هئا، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلّ صدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گھڻين مصروفتن جي باوجود پنهنجي زندگي جو قِيمتي وقت تمام گھڻا ضروري مسئلن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ڏيڻ جي جدو جهد ۾ وقف فرمائي ڇڏيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي هن حيرت انگيز ۽ قابلِ رشڪ ڪارنامي نه صرف اسلام ۽ سُنّيت جو ڳاٽ فخر وچان بلند ڪري ڇڏيو بلڪه شريعتِ مطهره ۽ بزرگانِ دِين جي فيضان کي سڄي دنيا ۾ عام ڪري پياري آقا، مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمّت تي اهو عظيم احسان فرمايو آهي جو جنهن جو بدلو ڪڏهن به نٿو ادا ڪري سگھجي۔ ايتري قدر گھٽ عرصي ۾ ايتري عظيم الشّان دِيني خدمت سر انجام ڏيڻ ته اهو چئي