Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

اَلۡـحَـمۡـدُ   لِـلّٰـہِ  رَبِّ  الۡـعٰـلَـمِیۡنَ   وَ  الـصَّـلٰـوۃُ   وَ  الـسَّـلَامُ  عَـلٰی   سَـیِّـدِ   الۡـمُـرۡ  سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا  بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ   الـشَّـیۡـطٰنِ   الـرَّجِیۡمِؕ    بِـسۡمِ   الـلّٰـہِ   الـرَّحۡـمٰنِ   الـرَّحِـیۡمِؕ

تذڪرو سيدي قطب مدينه ۽ عشره  ذو الحجه جا فضائل

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

 

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

     جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪريو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرود جي فضيلت

سَروَرِ ڪائنات، شاھ موجودات صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ رحمت نشان آهي: قِيامت جي ڏينهن الله عَزَّوَجَلَّ  جي عرش جي علاوه ٻي ڪا ڇانو نه هوندي، ٽي (3) شَخص الله عَزَّوَجَلَّ جي عرش جي ڇانو ۾ هوندا۔ عرض ڪيو ويو: يا رَسُولَ الله صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي ڪير هوندا؟ اِرشاد فرمايائون: (1) اهو شخص جيڪو منهنجي اُمّتي جي پريشاني دور ڪري (2) منهنجي سُنّت کي زِنده ڪرڻ وارو (3) مون تي ڪثرت سان دُرُود شريف پڙھڻ وارو۔

                  (البدور السّافرۃ في امور الا خرۃ للسيوطي ص ۱۳۱حديث ۳۶۶ )

یاالٰہی گرمیِ محشر سے جب بھڑکیں بدن

 

دامنِ مَحْبُوب  کی ٹھنڈی ہوا کا ساتھ ہو

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد