Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سُرمو لڳائڻ جون سُنّتون ۽ آداب

اچو!شيخِ طريقت، اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي مطبوع رِسالي ”101مَدني گل“ مان سرمو لڳائڻ جون سنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔

سننِ ابن ماجه“ جي روايت ۾ آهي؛ ”سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“ آهي جو اهو نظر کي روشن ڪري ۽ پلڪون وڌائي ٿو“۔ (ابن ماجہ، حديث 3497 ج 4 ص 115) ]2[ پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 359) ]3[ سرمو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔ (مِراٰةُ المناجيح ج 6 ص 180) ]4[ سرمي استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي؛ (1) ڪڏهن ٻنهي اکين

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵