Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

ڪيائون، سيالڪوٽ جي ويجھو ئي ”ڪلاس والا“ ۾ سندن جاگير هئي، اتي تشريف کڻي ويا ۽ پوءِ اتان کان بغدادِ مُقدّس جي سفر جو آغاز فرمايائون۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/ ۲۲۵) حُضُور غوثِ اعظم شيخ عبدالقادر جِيلاني رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه جي خانقاھ معليٰ ۾ تقريباً نَوَ (9) سالن کان ڪجھ وڌيڪ عرصي تائين قِيام پذير رهيا۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري، ۱/۲۲۶،۲۲۷) ان دوران سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيئي بُزرگن سڳورن جي زيارت ڪئي ۽ انهن کان فَيض حاصل ڪيو۔

مدينه مُنوره ۾ رهائش

1327ھ تي سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عرب شريف ۾ حاضر ٿيا ۽ هميشه جي لاءِ مدينه شريف ۾ ئي رهڻ لڳا۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،ص:۱۷۳) جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني شريف ۾ حاضر ٿيا ان وَقت تُرڪين جي حُڪومت هئي تڏهن ته اتي ڪيئي جَيد عُلماءِ ڪرام جلوه فرما هئا، ان ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي سيدُالانبيا صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درٻار ۾ بار بار حاضري جي سَعادَت ملڻ سان گڏوگڏ اتي جي ڪيئي مشائخِ ڪرام وٽان فَيضياب ٿيڻ جو شرف به نصيب ٿيو۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۲۷۹،ملخصاً) مشهور عاشقِ رَسُول ۽ تمام وڏي عالمِ دين، علّامه شيخ يوسُف بن اسمٰعيل نَبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيڪي اڪثر مدينه طيبه ۾ حاضِر رهندا هئا، سيدي قُطبِ مدينهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان وٽ به هڪ وڏي عرصي تائين اِستِفادو ڪيو۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۲۸۰)

علمِ دِين حاصل ڪرڻ جو شوق

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غَور ڪيو! سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عِلمِ دِين جا ڪيترا شيدائي هئا جو پنهنجي عِلائقي ۾ عِلمِ دِين حاصِل ڪرڻ