Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلس مزاراتِ اولياء

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زِندَگي جي مختلف گوشن جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون۔ پنهنجي بزرگن جو تذڪرو بيان ڪرڻ جو هڪ اهم سبب اهو هوندو آهي ته اسان انهن جي سيرت ۽ ڪردار ۽ انهن جي مُقدَّس زِندَگي جي مُتَعَلِّق ٻڌي انهن جھڙو بنجڻ جي ڪوشش ڪيون۔ شيخِ طريقت، امير اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه هميشه تبليغِ قُرآن و سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي هر هر اِسلامي ڀاءُ ۽ اِسلامي ڀيڻ کي انهن بزرگن سڳورن جي تعظيم و تڪريم ڪرڻ ۽ انهن جي سيرت و ڪردار کي اپنائڻ جو درس ڏيندا آهن۔ اوهان جي انهيء درس جو نتيجو آهي جو دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شُوريٰ جي تحت هڪ مجلس بنام ’’مجلسِ مزاراتِ اوليا‘‘ قائم آهي جنهن جو ڪم انهن اولياءِ ڪرام جي خانقاهن ۽ درگاهن تي حاضِر ٿي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪم کي جاري و ساري رکڻ ۽ ماڻهن کي حقيقي معنن ۾ انهن بُزرگنِ سڳورن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي۔ يقيناً اسان جي خوش بختي آهي جو اڄ اسان به الله عَزَّ وَجَلَّ جي هڪ ولي ۽ سلسلهٔ عاليه قادريه رضويه جي هڪ عَظِيم بُزرگ سيدي قطبِ مدينه
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جي باري ۾ ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪيو، اسان کي به انهن جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔

رسالي جو تعارف

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زِندَگي جي باري ۾ وڌيڪ معلومات جي لاءِ دعوتِ