Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail
نهايت حَسِين ۽ دلڪش حُليي جا مالڪ هئا۔
ابتدائي تعليم
پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِبتِدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي سائين وٽان حاصِل ڪئي، پوءِ ضِياء ڪوٽ (سيالڪوٽ) جي مشهور عالِم ۽ عارِف حَضرت علّامه مَولانا محمد حُسَين نقشبندي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ پڙھيا، ان کان پوءِ مرڪزُ الاَولياء (لاهور) ويا ۽ اتي جي وڏن وڏن عالم سڳورن وٽان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مشهور محدّث ۽ عالمِ دين حضرتِ علّامه وصي احمد مُحَدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي درس ۾ شامل ٿي ويا ۽ تقريباً چار (4) سالن تائين انهن وٽان تعليم حاصِل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو۔ سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان جي پنجاب مان حديث شريف جو دَورو ڪرڻ جي لاءِ شاگرد پِيلي ڀِيت ۾ موڪليا ويندا هئا۔ اتي حَضرت شاه وَصِي احمد مُحَدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ عظيم بُزرگ ۽ ڪامل اَولياءُ الله مان هئا، مان به سندن خِدمت ۾ حاضر ٿي حديث شريف جي دَوري ۾ شريڪ رهيس۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/ ۱۶۷) اتان کان درسِ نظامي جي تڪميل ڪئي ۽ دَورَهءِ حديث شريف جي بعد سندِ فَراغَت حاصل ڪئي۔ سرڪارِ اَعلي حَضرت الشاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ پنهنجي هٿن سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دستار بندي فرمائي۔ بعد ۾ حَضرت مُحَدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽان خِلافت جو شَرَف پڻ مليو۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري، ۱/ ۱۶۷)
بيعت ۽ خلافت
سيدِي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي استاذ حَضرت وصي احمد سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي امامِ اهلسنّت، مجدّدِ اعظم الشاھ امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه