Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

دعوتِ اِسلامي جي شُعبن جو تعارُف ڪرائيندي قُرباني جون کلون به گڏ ڪيو! الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان کي مريد ۽ خليفهٔ اعليٰ حضرت، قطبِ مدينه حضرتِ علامه مولاناضياء الدين احمد مَدَني قادري رضوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ذاتِ گرامي جي باري ۾ مدني گل ٻڌڻ جي سَعادت حاصِل ٿي، سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه الله عَزَّ وَجَلَّ جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ وارا، نهايت سخي ۽ مهربان بزرگ هئا، نهايت ئي خوبصورت حُليي جا مالڪ هئا، پيلي ڀيت ۾ مُحَدِّثِ سُورتيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ دورانِ تعليم ئي پاڻ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ مريد ٿي ويا ۽ جلد ئي خلافت سان به نوازيا ويا، سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه طلبِ علمِ دين جي لاءِ لاهور، هند ۽ بغداد شريف جا سفر ڪيا، اِشراق، چاشت ۽ اوَّابين جون نمازون ادا ڪرڻ سندن جو معمول هو، مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ به شريعت تي عمل ڪندا هئا ۽ پنهنجي مريدن کي به شريعتِ مُطهره تي عمل جي هدايت ڪندا هئا، عاجزي ۽ اِنڪساري سندن جو شيوو هو۔ 4 ذوالحج 1401ھ جمعي جي ڏينهن پاڻ جو وِصال ٿيو ۽ آرزو جي مُطَابِق جنت البقيع ۾ سندن تدفين ٿي۔ الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي به سندن نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد