Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عرس شريف ملهايو ويندو آهي۔ انهيءَ مناسبت سان اڄ اسان سندن جي مُبارَڪ زِندگي جا ڪجھ واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪنداسين۔ اچو! پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:
پاڻي ذخيرو نه ڪيو
سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا مُريد ۽ خليفه حَضرت مولانا عارف ضِيائي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي جو هڪ ڀيري حج جي ڏينهن ۾ مديني شريف ۾ پاڻي جي شديد ڪمي ٿي وئي، انهن ڏينهن ۾ قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ مهمان گھڻا گڏ ٿيندا هئا، ان ڪري پاڻي جو استعمال به وڌيڪ ٿيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو جو پيئڻ جي لاءِ به پاڻي مَوجُود نه هوندو هو۔ منهنجو هي مَعمُول هو جو ٽونڪ رباط (هڪ هنڌ جو نالو آهي اتان) کان پاڻي ڀري ايندو هئس، ڪوشش ڪندو هئس ته پاڻي جون چند ٽانڪيون هميشه مَوجُود رهن، هڪ ڏينهن حُضُور قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وُضو جي لاءِ ويا ته سندن نگاھ پاڻي جي ٽنڪين تي پئي، مون کان پڇيائون: هنن زمزمين (يعني ٽانڪين) ۾ ڇا رکيل آهي؟ عرض ڪيم: حُضُور! جيئن ته پاڻي جي قِلّت آهي ان ڪري هنن ۾ پاڻي ڀري رکيو آهي ته جيئن رات جو مهمان اچن ته پاڻي جي تنگي نه ٿئي، فرمايائون: اهو تو صحيح ناهي، پاڻي جي قِلّت آهي ۽ توهان پاڻي گڏ ڪري رکيو آهي؟ هينئر هن کي کڻي وڃو ۽ ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو۔ انهن ڏينهن ۾ حاجين جو وڏو هجوم هو ۽ گهٽيون به تنگ هيون، پاڻي ڀري کڻي اچڻ آسان نه هو، پر سندن حڪم جي پيروي کان انڪار به ممڪن نه هو ان ڪري اوهان جيڪو حڪم فرمايو هو ائين ئي ڪيو ويو۔ (سيدي ضياء الدين احمد قادري،۱/۴۲۱بتغير)